سنڌ

پرويز مشرف جي ڪراچي ۾ فوجي اعزاز سان تدفين

اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف کي فوجي اعزاز سان شاهراهه فيصل تي فوجي قبرستان ۾ دفنايو ويو. جنرل (ر) پرويز مشرف جي جنازي نماز ڪراچي جي پولو گرائونڊ ملير ڪينٽ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ فوجي آفيسرن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، جنرل رٽائرڊ اشفاق پرويز ڪياني، جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا، جنرل عاصم سليم باجوه، شجاع پاشا ۽ ظهير اسلام پڻ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، فاروق ستار، فواد چوڌري، امير مقام، خالد مقبول صديقي به شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ آرمي، ايئر فورس ۽ نيوي جي حاضر سروس آفيسرن ۽ رٽائرڊ آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. جنازي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. حساس ادارن، پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا. واضح رهي ته اڳوڻو صدر جنرل (ر) پرويز مشرف 5 فيبروري تي دبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، هو ڪافي عرصي کان دبئي جي آمريڪن اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. گذريل رات اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو مڙهه کڻي خصوصي جهاز دبئي کان ڪراچي پهتو، خاص جهاز ذريعي پرويز مشرف جي زال، ڌيءَ ۽ پٽ به ڪراچي پهتا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button