سنڌ

زلزلي سبب ٿيل تباهي تي هر انسان ڏکويل آهي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ترڪيه ۽ شام ۾ خوفناڪ زلزلي ۾ وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو عوام ڏکئي وقت ۾ متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا پنهنجي اجلاس ۾ زلزلي ۾ انساني جانين ۽ ملڪيتن جي نقصان تي پنهنجي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ فوري طور تي زلزلي متاثرن جي امداد لاءِ 1 لک خيما ترڪيه روانو ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. صوبائي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته زلزلي سبب ٿيل تباهي تي دنيا جو هر دردمند انسان ڏک ۾ ورتل آهي. سنڌجي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستاني قوم ۽ حڪومت مشڪل جي هن گھڙي ۾ پنهنجي ترڪ ڀائرن کي پنهنجي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياري ٿي، صوبائي وزير چيو ته ترڪيه حڪومت ۽ عوام هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي عوام جي مدد ڪئي آھي. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۾ ترڪيه جي حڪومت ۽ ترڪ عوام بي پناهه سهڪارڪيو. سنڌ جي اطلاعات واري وزير زلزلي ۾ فوت ٿيل جي خاندانن سان دلي ھمدردي جو اظهار ڪيو آهي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button