پاڪستانسنڌ

حيدرآباد پوليس ڊي سي جي حڪم باوجود ٽرانسپورٽ اڏا ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ٽرانسپورٽر مافيا ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي چيئرمين ڊي سي حيدرآباد کان به زور نڪتي آهي، ها ڪورٽ حيدرآباد جي حڪم تحت مهينو اڳ چيئرمين آر ٽي اي/ ڊي سي حيدرآباد فواد غفار سومرو حيدرآباد جي مختلف هنڌن تي قائم غيرقانوني وينن، بسن ۽ ٽئڪسي ڪارن جا اڏا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. جنهن تي اڃا عمل نه ٿي سگهيو آهي. خبر موجب سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۽ ڪراچي ڊسمبر 2020ع ۾ حڪم ڏنو هو ته حيدرآباد جي تعلقن سٽي، لطيف آباد ۽ قاسم آباد ۾ جتي به غيرقانوني بسن، وينن ۽ ٽئڪسي ڪارن جا غيرقانوني اڏا آهن، اهي فوري طور تي ختم ڪري رپورٽ ڏني وڃي. ان ڏس ۾ چيئرمين آر ٽي اي حيدرآباد فواد غفار سومرو 13 جنوري 2023ع تي اڳ ۾ لکيل خطن کانپو ٻيهر ايس ايس پي حيدرآباد، ضلعي جي سمورن اي سيز، سيڪريٽري آر ٽي اي ۽ ايس پي ٽرئفڪ سميت 12 عملدارن کي هڪ خط لکيو ته ها ڪورٽ جو حڪم آهي ته حيدرآباد جي تعلقن سٽي، قاسم آباد ۽ لطيف آباد ۾ جيڪي به غيرقانوني بسن، وينن ۽ ٽئڪسي ڪارن جا بس اڏا آهن، اهي فوري طور تي ختم ڪري رپورٽ ڏني وڃي. ان ڏس ۾ مهينو گذرڻ باوجود حيدرآباد پوليس، حيدرآباد جي لطيف آباد پوڻا ست نمبر، گدو چوڪ، قاسم آباد، نسيم نگر، علي پلس، قاسم چوڪ، پٺاڻ ڪالوني، ڀٽائي نگر، هٽڙي با پاس، آٽو ڀان روڊ ۽ جيل روڊ سميت مختلف علائقن ۾ قائم اڏا ختم نه ڪرائي سگهي آهي. تازو لطيف آباد جي ٽرئفڪ پوليس سيڪشن پڻ هڪ خط لکيو ته لطيف آباد پوڻا ست نمبر تي قائم ڪيل غيرقانوني اڏا ختم ڪيا وڃن. حيدرآباد ۾ غيرقانوني اڏن سبب شهر ۾ ٽرئفڪ جام رهي ٿي. جڏهن ته ايس ايس پي حيدرآباد بار بار فون ڪرڻ باوجود فون اٽينڊ نه ڪئي. ان ڏس ۾ آر ٽي اي حيدرآباد سليم ميمڻ چيو ته اڏن جي منظوري، منسوخ ڪرڻ کانپو ۽ غيرقانوني اڏا ختم ڪرائڻ پوليس جي ذميواري آهي. ڊي سي حيدرآباد پوئين مهيني خط لکيو هو، جنهن کانپو اڏا ختم ڪرائڻ پوليس جي ذمي هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button