پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ لڳ پرائمري اسڪول ۾ چوڪيدار پڙهائڻ لڳو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ ڀڏيلي ۾ پرائمري اسڪول علي محمد مهر سرڪار جي بي ڌياني سبب مسئلن جي ور چڙهي ويو، ڪيترن ئي مهينن کان استاد مقرر نه ٿيڻ سبب چوڪيدار شاگردن کي پڙهائي رهيو آهي. ڪيترائي سال گذرڻ باوجود به اسڪول جي مرمت ناهي ڪئي وئي، مين گيٽ جي ديوار ڪرڻ سبب گيٽ اٽڪل ڪنهن به وقت ڪرڻ جو خدشو آهي. اسڪول ۾ مقرر چوڪيدار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول ۾ مقرر استاد رٽائرڊ ٿي ويو آهي، جنهن بعد استاد نه هجڻ سبب آئون شاگردن کي پڙهائي رهيو آهي، ٻار روز اسڪول اچن ٿا، انهن ۾ نياڻيون گهڻيون آهن، استاد نه هجڻ سبب شاگرد مايوس ٿي ويندا، ان ڪري پڙهائي رهيو آهيان، اسڪول ۾ 78 ٻار آهن. هن گهر ڪئي ته جلد استاد مقرر ڪيو وڃي. ٻئي پاسي معصوم شاگردن ٻڌايو ته اسان روز اسڪول اچون ٿا، پر اتي استاد ناهي، اسان چوڪيدار وٽ پڙهون پيا. هنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته پرائمري اسڪول علي محمد مهر جي مرمت ڪرائي استاد مقرر ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button