پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص لڳ نوجوان غربت کان تنگ ٿي انت آڻي ڇڏيو

ميرپورخاص : ميرپورخاص ويجهو نوجوان غربت کان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو. ميرپورخاص ۾ تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد علي سمون جي رهواسي 45 سالن جي نوجوان همير سنگهه غربت کان تنگ اچي پنهنجي ڳلي ۾ رسو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو، پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو ويو، سول اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فوتي جي وارثن جو چيو ته فوتي نوجوان جو ذهني توازن درست نه هو، جڏهن ته علائقي جي ماڻهن جو چيو ته همير سنگهه بک ۽ بدحالي سبب پريشان هو، ان ڪري اهڙو قدم کنيو. ٻئي پاسي پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button