پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ بدامني، مهانگائي ۽ ڪرپشن خلاف سول سوسائٽي جو احتجاج

ميرپورخاص : ميرپورخاص ۾ بدامني، مهانگائي ۽ ڪرپشن خلاف سول سوسائٽي پاران ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص ۾ وڌندڙ بدامني، مھانگائي ۽ مختلف سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن خلاف ميرپورخاص سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ڪارڪنن اسٽيٽ لائيف چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ واجد لغاري، محمد بخش ڪپري، بشير الاھي ۽ منظور ميمڻ سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ميرپورخاص جيڪو انبن جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، ھن وقت ميرپورخاص بدامني ۽ منشيات جي وڪري جي حوالي سان ٽاپ تي اچي ويو آهي. شهر ۾ روز چورين ۽ ڦرن جي سرعام وارداتن سبب شھرين جي جان ۽ مال محفوظ ناهن، پر پوليس ڏوھن جي روڪٿام ۾ مڪمل ناڪام بڻيل آهي، پوليس پاران لکين رپيا منٿلي وٺڻ سبب منشيات جو ڪاروبار عروج تي ھلي رھيو آھي، پر ڪرپٽ ڪامورا مال ميڙڻ ۾ پورا آهن. سڄي ضلعي ۾ مھانگائي عروج تي آهي، پر ضلعي انتظاميا اگھن کي ڪنٽرول ۾ مڪمل ناڪام ھجڻ سبب غريب مزدور طبقو 2 ويلا ماني لا پريشان آھي. سرڪاري ادارا ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي چڪا آهن، ڪير به پڇڻ وارو ناهي. ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو وڌندڙ بدامني، ڪرپشن ۽ مھانگائي جو نوٽيس وٺي ڪرپشن ۾ ملوث ڪامورن کي ھٽائي عوام کي رليف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button