اسلام آبادپاڪستان

حڪومت پرڏيهي ڪرنسي جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کڻي:چيف جسٽس

اسلام آباد : چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته حڪومت فارين ڪرنسي جي پرڏيهه اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان سلسلي ۾ ايف بي آر جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو. ان دوران ايف بي آر جي وڪيل چيو ته سپر ٽيڪس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو حتمي فيصلو اچي ويو آهي، جنهن ۾ عدالت فيصلي تي عملدرآمد 60 ڏينهن لاءِ معطل ڪيو آهي. ڪمپنين جي وڪيل بيئرسٽر فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ايف بي آر جون درخواستون غير اثرائتيون ٿي چڪيون آهن. عدالت پنجاهه سيڪڙو سپر ٽيڪس جي ادائيگي جو حڪم نٿي ڏئي سگهي. ان تي ايف بي آر جي وڪيل چيو ته في الحال ايف بي آر جي وڪالت ڪري رهيو آهيان، جيڪڏهن مُلڪ جو ڏيوالو نڪتو ته فيڊريشن جي نمائندگي به ڪندس. ان تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ايف بي آر سپر ٽيڪس ڪيس ۾ سٺي نيت سان آيو آهي. پاڪستان ڊيفالٽ نه ٿي رهيو آهي، هر هڪ کي مُلڪي مفاد لاءِ پنهنجو پاڻ کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. حڪومت فارين ڪرنسي جي پرڏيهي مُلڪ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي. عدالت سپر ٽيڪس سان لاڳاپيل سموريون درخواستون گڏائي ايندڙ هفتي شنوائي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 16 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button