اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ عمران خان ۽ پي ٽي آ جي ڪنڊڪٽ تي سوال اُٿاري ڇڏيا

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ۾ نيب قانون ۾ ترميمن واري ڪيس ۾ جسٽس منصور علي شاهه، عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪنڊڪٽ تي اهم سوال اُٿاري ڇڏيا. سپريم ڪورٽ ۾ نيب قانون ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي شنوائي ٿي. ان دوران جسٽس منصور علي شاهه عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪنڊڪٽ تي اهم سوال اُٿاري ڇڏيا. هن پڇاڻو ڪيو ته عمران خان ۽ سندس پارٽي نيب ترميمي بل تي ووٽنگ کان پاسو ڪيو، ڇا پارليامينٽ ۾ ڪرڻ وارو ڪم عدالتن ۾ آڻڻ پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ ناهي؟ ڇا عوامي اعتماد جي امين جو پارليامينٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ درست عمل آهي؟ جسٽس منصور جو چوڻ هو ته ڪيئن تعين ٿيندو ته نيب قانون ۾ ترميمون عوامي مفاد ۽ اهميت جو ڪيس آهي؟ عوامي مفاد جو تعين ڇا عدالت ۾ ويٺل ٽن ججن کي ڪرڻو آهي؟ ڇا عوام نيب ترميمن خلاف دانهون ڪري رهي آهي؟ هن رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب ترميمن جو ڪهڙن بنيادي حقن سان ٽڪراءُ آهي، ان جي نشاندهي نه ڪئي وئي. هڪ شخص نيب ترميمن کي چئلينج ڪيو، ممڪن آهي سندس پارٽي سان واسطو رکندڙ ٻيا ميمبر انهن ترميمن جي حق ۾ هجن. وفاقي سرڪار جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته عمران خان چاهي ها ته نيب قانون ۾ ترميمن کي اسيمبلي ۾ شڪست ڏئي پئي سگهيو، هن ڄاڻي واڻي پارليامينٽ خالي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ان نقطي تي عمران خان کان جواب وٺنداسين، ڇا رڳو ان بنياد تي عوامي مفاد جو ڪيس نه ٻڌوئون ته درخواست گذار جو ڪنڊڪٽ درست نه هو؟ پارليامينٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ پي ٽي آءِ جي سياسي حڪمت عملي هئي، ضروري ناهي ان جو ڪو قانوني جواز به هجي. پارلياماني ڪارروائي جو بائيڪاٽ سڄي دنيا ۾ ٿيندو آهي، شايد عمران خان کي خبر هئي ته هو پارليامينٽ ۾ ڪامياب نٿو ٿي سگهي تنهنڪري هُن عدالت جو رخ ڪيو. ان دوران جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته عدالت رڳو بنيادي حقن ۽ آئيني حدون اورانگهڻ وارن نقطن جو جائزو وٺي رهي آهي. عمران خان جي ڪنڊڪٽ تي سوال اُٿي ها جيڪڏهن ترميمن ذريعي کيس ڪو ذاتي فائدو ٿئي ها، ظاهري طور درخواست گذار جو نيب ترميمن سان ڪو ذاتي مفاد نٿو لڳي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 14 فيبروريءَ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button