اسلام آبادپاڪستان

عمران سرڪاري ڪم ۾ رنڊڪ ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت طلب

اسلام آباد :اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سرڪاري ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ذاتي حيثيت ۾ طلبي جو سمن جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عباس حسن ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان سلسلي ۾ عمران خان جو وڪيل بابر اعواڻ ۽ پراسيڪيوٽر پيش ٿيا. ان دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته عمران خان زخمي آهي، جنهن سبب عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي. عمران خان جي وڪيل طبي بنيادن تي پنهنجي اصيل جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست پڻ ڪئي، جنهن تي عدالت چيو ته عمران خان جي زمان پارڪ مان هڪ وڊيو جاري ٿي آهي جنهن ۾ هو پنڌ ڪندي نظر اچي رهيو آهي. عدالت بابر اعواڻ سان مڪالمو ڪيو ته اوهان عمران خان جي مستقل ضمانت تي دليل ڏيو، هو پندرنهن فيبروري تي اچي يا نه اچي اسان ضمانت تي فيصلو ڏئي ڇڏينداسين. عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي کيس پندرنهن فيبروري تي طلبي جو سمن جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ شنوائي پندرنهن فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button