پاڪستانسنڌ

بلڙي ويجهو خوفناڪ روڊ حادثو،ما پي ٽن ٻارڙن سميت فوت

ٽنڊو محمد خان/بلڙي شاهه ڪريم/جهوڪ شريف/ميرپور بٺورو (نمائندن وٽان)ٽنڊو محمد خان جي بلڙي شاھه ڪريم روڊ تي خوفناڪ حادثي هڪ ئي خاندان جي 5 گهر ڀاتين کي اجل جو شڪار بڻائي ڇڏيو. پوليس بااثر ڪار مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ بلڙي شاھه ڪريم لڳ ڪپور موري جي نڪرجي فارم اسٽاپ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ موٽرسائيڪل تي سوار جهوڪ شريف جو رهواسي 28 سالن جو فضل ڪٻر، سندس گهر واري 25 سالن جي حاجاڻي، سندس 7 سالن جي ناهيدا، 8 سالن جي شاهدا ۽ 3 سالن جو معصوم نينگر وحيد ڪٻر فوت ٿي ويا. حادثي دوران ٿڏي تي 4 فوتگين کانپوءِ زخمي نينگر وحيد حيدرآباد اسپتال پهچڻ تي فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ فوتين جو تعداد 5 ٿي ويو. ماءُ پيءُ ۽ سندن 3 ٻارڙن جي فوت ٿي ويلن جا لاش ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي ڪرڻ بعد جهوڪ شريف پهچايا ويا، جتي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته جهوڪ شريف شهر ۾ پڻ سوڳ ڇائنجي ويو. فوتين کي سوين آلين اکين سان سندن جهوڪ شريف واري قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. جڏهن ته خوفناڪ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جي 5 گهر ڀاتين جي فوت ٿيڻ جو بلڙي شاھه ڪريم پوليس ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو آهي. صرف ڪار جي بااثر مالڪ صوفي مزمل کي پوليس حراست ۾ وٺي سندس مٿي ۾ معمولي ڌڪ لڳڻ تي کيس ليٽر ڏئي اسپتال موڪليو آهي. ان ڏس ۾ بلڙي شاهھ ڪريم پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن طرفان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪو به رابطو نه ڪيو ويو آهي، تدفين بعد ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button