غير درجه بندي

20 دوائون مهانگيون،بجلي رٿائن تي قرض جو 76 ارب وياج عوام مان اوڳاڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد :ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيراسيٽامول سميت وڌيڪ 20 دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته 18 نون دوائن جي وڌ ۾ وڌ پرچون قيمتن جي مقرري جي به منظوري ڏني وئي. ڪالهه ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي اجلاس ۾ بخار جي دوا جي اگهن ۾ واڌ ۽ بجلي رٿائن لاءِ قرض تي وياج جي رقم عوام کان وٺڻ جي منظوري ڏني وئي. اي سي سي اجلاس بعد جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ بخار جي دوا جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو، بخار جي پنج سئو ملي گرام گوري جي قيمت 2 رپيا 6 پئسا ۽ 3 رپيا 3 پئسا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته ويهه دوائن جي اگهن ۾ پرچون قيمت جي مقرري جي به منظوري ڏني وئي. اي سي سي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بجلي منصوبن لاءِ ورتل قرض تي وياج جي رقم به عوام ادا ڪندو، بجلي واهپيدارن تي هڪ رُپيو في يونٽ سرچارج لڳائڻ جي منظوي ڏني وئي. سرچارج ٽي سئو يونٽ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪرڻ وارن گهريلو واهپيدارن تي لاڳو هوندو. فنانس سرچارج جي ذريعي بجلي صارفين کان 76 ارب رُپيا اُوڳاڙيا ويندا. پڌرائي موجب بجلي بلن تي فنانس سرچارج هلندڙ سال مارچ کان جون تائين لاڳو رهندي، سرچارج ڪي اليڪٽرڪ سميت بجلي جي ورڇ ڪندڙ سمورين ڪمپنين جي واهپيدارن تي لاڳو هوندي. اي سي سي پاور هولڊنگ ڪمپني کي 283 ارب رُپين جي رقم جي ادائيگي ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ چيو ته فنانس ڊويزن ڪمپني کي وياج سميت رقم جي ادائيگي لاءِ نئين گارنٽي ڏي. اقتصادي رابطا ڪميٽي آگسٽ ۽ سپٽمبر 2022ع لاءِ فيول ايڊجسٽمنٽ سرچارجز جي به منظوري ڏني. جڏهن ته ٻوڏ متاثر علائقن جي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بجلي جا بل معاف ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني. اي سي سي ٻوڏ متاثر علائقن جي ڪمرشل واهپيدارن لاءِ آگسٽ ۽ سپٽمبر جي بجلي بلن جي ادائيگي ملتوي ڪرڻ ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن جي بجلي بلن لاءِ ڏهه ارب 34 ڪروڙ رُپيا گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اي سي سي آءِ ايم ايف جي هدايتن جي روشني ۾ نظرثاني ٿيل سرڪلر ڊيٽ پلان جي منظوري ڏني ۽ اجلاس ۾ بچاءُ واري وزارت لاءِ 45 ڪروڙ رُپين جي گرانٽ منظور ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button