اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

آءِ ايم ايف جي شرطن تي 170 ارب جا ٽيڪس لڳائڻ جي منظوري

اسلام آباد :وفاقي ڪابينا آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪرڻ لاءِ 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا ميمبرن کي ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف پروگرام بابت بريفنگ ڏني وئي. وفاقي ڪابينا 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني. جڏهن ته ڪابينا ٽيڪس لاز بل 2023ع جي به منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڄ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس هڪ ڪلاڪ جي وقفي تي ڪوٺايا ويندا. سڀ کان پهريان قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ٽيڪس قانون ترميمي بل پيش ڪيو ويندو ۽ فوري طور تي منظور ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ٽيڪس قانونن وارو بل سينيٽ جي اجلاس ۾ به پيش ڪيو ويندو. ان کان علاوه وفاقي ڪابينا بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. جڏهن ته لگزري آئٽمز تي ٽيڪس وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون بابت پاور ڊويزن جي رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ ميمبرن کي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽيڪس قانون ترميمي بل قومي اسيمبلي مان قاعدن کي معطل ڪندي فوري طور تي منظور ڪيو ويندو. جڏهن ته ٽيڪس قانون ترميمي بل کي سفارشن لاءِ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. حڪومت قاعدن کي به اڪثريت سان معطل ڪندي قرارداد منظور ڪندي. سينيٽ ٽيڪس قانونن ۾ ترميمي بل جي منظوري لاءِ ٺهراءُ پاس ڪندو. ڪابينا سادگي جي قدمن جي به منظوري ڏني جنهن سان ڪابينا ميمبرن جو تعداد گهٽ ٿيندو ۽ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ٿيندي.
وزيراعظم جي هدايت تي جوڙيل سادگيءَ واري ڪميٽي اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي، 5 لک کان وڌيڪ پينشن ڏيڻ ۽ بيوروڪريٽس، ججن ۽ هٿياربند فوجن کي هڪ کان وڌيڪ پلاٽ نه ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا جسٽس (ر) ناصر کوسا جي سربراهيءَ ۾ سادگي واري ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي جي سفارش تي ڪابينا جو انگ گهٽائي 30 ڪيو ويندو. سڌ سماءَ واري ڪميٽي تجويز ڏني ته ترقياتي فنڊ پارليامينٽ جي ميمبرن کي نه ڏنا وڃن ۽ ڪنهن کي به سرڪاري خزاني مان 5 لک رپيا ماهوار پينشن نه ڏني وڃي، سرڪاري آفيسرن کي وڏيون گاڏيون نه ڏنيون وڃن، رٽائرڊ سرڪاري، فوجي ۽ عدالتي آفيسرن کي به وڏيون گاڏيون نه ڏنيون وڃن. سموريون مراعات، سيڪيورٽي، سپورٽ اسٽاف ۽ يوٽيلٽيز کي واپس ورتو وڃي. جڏهن ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سمورن ميمبرن ۽ سينيٽرن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي. ڪميٽي سفارش ڪئي ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي سمورين وزارتن، ڊويزنل آفيسن، صوبائي حڪومتن ۽ پرڏيهي سفارتخانن جي بجيٽ ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي. سرڪاري ملازمن، بيوروڪريٽس، ججن ۽ آفيسرن کي هڪ کان وڌيڪ پلاٽ نه ڏنا وڃن ۽ جن کي هڪ کان وڌيڪ پلاٽ ڏنا ويا آهن، انهن کي رد ڪري نيلام ڪيو وڃي. سي پيڪ تحت اسپيشل انڊسٽريل زونن کانسواءِ ڪو به نئون گرين فيلڊ پروجيڪٽ شروع نه ڪيو وڃي. سڌ سماءَ واري ڪميٽي سفارش ڪئي ته ڀرتين تي پابندي لڳائي وڃي ۽ سڀني لاءِ سيڪيورٽي پروٽوڪول گهٽ ڪيو وڃي. ڪابينا جا اضافي ميمبر يا معاون خاص عوامي ڀلائي جي بنياد تي ڪم ڪري سگهن ٿا. بجيٽ جون 2024ع تائين منجمد ڪئي وڃي، ساڳئي مدي ۾ هر قسم جي گاڏين جي خريداري روڪي وڃي. ڪميٽي سفارش ڪئي ته نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ تي مڪمل پابندي، صوابديدي گرانٽس ۽ سيڪريٽ سروس فنڊ منجمد ڪيو وڃي. سمورن صوبن ۾ پراپرٽي ٽيڪس ۾ واڌارو ڪيو وڃي، پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي ملازمن کي مفت بجلي يونٽ ختم ڪيا وڃن، بجلي لاءِ پري پيڊ ميٽر سسٽم متعارف ڪرايو وڃي. ان کان علاوه ڪميٽي تجويز ڏني ته ڪاروباري ۽ تجارتي سرگرميون هلائڻ حڪومت جو ڪم ناهي، سرڪاري ادارن کي ٻين انتظامن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. ٻئي طرف آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۽ مني بجيٽ جي منظوري واري معاملي تي حڪومت قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪنهن به وقت گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ وزيراعظم هائوس مان صدر ڏانهن سمري موڪلي وئي آهي. پارلياماني معاملن واري وزارت قانون واري وزارت جي مشاورت سان سمري وزيراعظم هائوس ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. ذريعن موجب سمري بنا ڪنهن تاريخ جي موڪلي وئي آهي، اجلاس گهرائڻ لاءِ سمري وزيراعظم هائوس کان صدر هائوس ڏانهن موڪلي وئي هئي، جنهن کانپوءِ صدر ڪنهن به ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button