اسلام آبادپاڪستانغير درجه بندي

تحريڪ انصاف جا ميمبر باقيدار نڪتا،مسواڙ،بجلي ۽ گئس جا بل رهيل

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي ميمبرن کان پارليامينٽ لاجز جون رهائشگاهون خالي ڪرائڻ جي معاملي تي تحريڪ انصاف جي باقيدارن جو تفصيل سامهون اچي ويو، جنهن مطابق ميمبرن تي لاجز جي مسواڙ، بجلي ۽ سوئي گئس جي مد ۾ لکين رپيا رهتون آهن. دستاويزن مطابق اڳوڻو وفاقي وزير فخرامام پارليامينٽ لاجز جي 2 لک 59 هزار رپين جو باقيدار نڪتو. فخرامام ڏي لاجز ۾ رهائشگاهه جي بجلي جي بل جي مد ۾ 49 هزار کان وڌيڪ رپيا رهتون آهن. فخر امام جي گهر جي ڪرائي جي مد ۾ 2 لک 10 هزار رپيا آهن. علي زيدي پارليامينٽ لاجز جو هڪ لک 51 هزار رپين جو باقيدار نڪتو. صداقت عباسي ڏانهن پارليامينٽ لاجز جا ساڍا ست لک رپيا آهن. ڪنول شوزب 5 لک 98 هزار، منورا بي بي 16 لک 12 هزار جي باقيدار نڪتي. عاصما قدير 4 لک، اندليب عباس 60 لک رپين جي باقيدار آهي. ابراهيم خان 60 هزار ڪرامت علي کوکر 85 هزار ۽ امجد علي خان کي 43 هزار رپيا ڏيڻا آهن. حيدر علي خان 13 لک 92 هزار علي خان جدون 56 هزار، مجاهد علي 11 لک 67 هزار، شيرعلي ارباب 3 لک 61 هزار، گلداد خان 2 لک 96 هزار، ساجد خان هڪ لک 92 هزار، عامر محمود ڪياني 2 لک 69 هزار جڏهن ته شوڪت علي ڀٽي 8 لک 40 هزار ۽ ملڪ عمر اسلم 60 هزار رپين جو باقيدار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button