اسلام آبادپاڪستانعالمي

عالمي ايجنسي ڪريڊٽ ريٽنگ ٽرپل سي پلس کان گهٽائي ڪاٽو ٽرپل سي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽ:ارشاد انصاري) انٽرنيشنل ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي فچ پاڪستان جي لانگ ٽرم فارن ڪرنسي ايشورڊ ڊفالٽ ريٽنگ (IDR) کي ٽرپل سي پلس مان گھٽائي ٽرپل سي ڪاٽو ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جي پرڏيهي ڪرنسي لانگ ٽرم ڊيٽ ريٽنگ کي گهٽائي ڇڏيو آهي. فچ موجب پاڪستان جي ڊگھي مدي واري پرڏيهي ڪرنسي قرضن جي ريٽنگ کي ٽرپل سي ڪاٽو تائين ڪيو ويو آهي، اهو پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ خطرناڪ گهٽتائي سبب ٿيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته بين الاقوامي مانيٽرنگ فنڊ آئي ايم ايف پروگرام جو نائين جائزو ڪامياب ٿيندو، ڊفالٽ يا قرض جي بحالي هڪ حقيقي امڪان آهي. نائين جائزي جي مڪمل ٿيڻ لا آمدني جي اڳڀرائي قدمن، ريگيوليٽڊ ٻارڻ جي قيمتن سان مشروط آهي. فچ جو چوڻ آهي ته اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جي سطح گهٽ رهندي. مالي سال 2023ع ۾ ٿوري بهتري ممڪن آهي. آءِ ايم ايف پروگرام جي بقايا اڍائي بلين ڊالرن کان علاوه ساڍا 3 بلين ڊالر حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. آءِ ايم ايف معاهدي موجب رقم جي وصولي مشروط آهي، دوست ملڪ پراڻا قرض واپس ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 5 ارب ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هلندڙ مالي سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 4 ڏهائي 7 ارب ڊالر هوندو، مالي سال 2022ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 17 ارب ڊالر هو. فچ وڌيڪ چيو ته درآمدات ۾ گهٽتائي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ڪيو ويو آهي. وياج جي شرح وڌائڻ ۽ توانائي جي استعمال ۾ گهٽتائي سان به ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button