سنڌ

پي ٽي آءِ جي خواهش تي چونڊون نٿيون ٿي سگهن:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ اسد عمر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي خواهش تي چونڊون نٿيون ٿي سگهن. چونڊون آئين ۽ قانون موجب ٿيڻ گهرجن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان ۽ سندس ساٿين پنهنجي دور ۾ ڪيترائي ڀيرا آئين کي بلڊوز ڪيو. کين آئين ۽ قانون جي ڪک به خبر ناهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ پاران آئين جي تحفظ لاءِ مهم هلائڻ جي ڳالهه ڪرڻ مذاق آهي. هن چيو ته اهي ماڻهو سڀ کان پهرين جيل ڀريو تحريڪ جي ته شروعات ڪن. هر روز نوان لطيفا ڇڏيندا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان عدالتن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار ئي ناهي. خوف وچان مرهم پٽيون ٻڌي زمان پارڪ جي ٻر ۾ لڪيو ويٺو آهي. هي ماڻهو جيل ڀريو تحريڪ ڇا هلائيندا؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي نام نهاد مقبوليت جي وزن هيٺ دٻجي وئي آهي. عمران خان ۽ سندس ساٿين جا ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جا سمورا حربا ناڪام ٿي ويا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي ته جيئن اهي پنهنجا من پسند فيصلا ڪرائي سگهن. صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ انتشار ۽ افراتفري پکيڙڻ جي سازش ڪري رهي آهي. نااهل ٽولي جي چئن سالن جي پاليسين جو نتيجو آهي جو اڄ ملڪي معيشت سخت دٻاءُ ۾ آهي. هن چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ سياست، آئين ۽ قانون کي به راند سمجهيو آهي ۽ پنهنجي ان راند ۾ اهي هر روز عجيب و غريب ڳالهيون ڪندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button