سنڌ

ميري ٽائيم مشق امن 23 جي پڄاڻي،وزيراعطم جي شرڪت

پاڪ نيوي جي گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن 23 جي پڄاڻي واري تقريب اڱاري تي اتر عربي سمنڊ ۾ منعقد ڪئي وئي، وزيراعظم شهبازشريف تقريب جو خاص مهمان هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مطابق وفاقي وزير رانا تنوير حسين، بچاءُ وارو سيڪريٽري، سنڌ جو گورنر ۽ وڏو وزير مرادعلي شاهه به تقريب ۾ شريڪ ٿيا، مشق امن 23 جي پڄاڻي واري تقريب ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ۽ سروسز چيفس به شرڪت ڪئي، عربي سمنڊ ۾ موجود پاڪ نيوي جي جهاز تي آمد تي امير البحر وزيراعطم جو استقبال ڪيو، وزيراعطم کي امن مشقن جي حوالي سان برينگ به ڏني وئي. پاڪ نيوي جي ترجمان مطابق مشق ۾ شريڪ ملڪن جي بحري ۽ هوائي جهازن خاص مهمان کي سلامي ڏني، اٺين گهڻ ملڪي ميري ٽائيم مشق امن-23 6 ڏينهن تائين جاري رهي، جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪ شريڪ ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button