سنڌ

سنڌ يونيورسٽي جي 1900 ايڪڙ زمين تي قبضا:سنڌ اسيمبلي ۾ اعتراف

سنڌ جي يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊز جي وزير محمد اسماعيل راهو انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي ايراضي 10 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ حصي تي ٻڌل آهي پر ان جي 1900 ايڪڙ زمين تي ماڻهن غيرقانوني طور قبضو ڪيو آهي، قبضو ڇڏائڻ لاءِ مختلف کاتن کي لکيو ويو پر اڃا تائين ڪجهه نه ٿي سگهيو آهي. صوبائي وزير اها ڳالهه اڱاري تي سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي کاتي بابت سوالن جي وقفي دوران ميمبرن جي مختلف لکت ۽ ضمني سوالن جو جواب ڏيندي ڪئي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڱاري تي پرائيويٽ ميمبرز ڊي جي موقعي تي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو ۽ مشڪل سان پوڻا ٻه ڪلاڪ هليو، جنهن کان پوءِ ايوان جي ڪارروائي جمعي جي منجهند اڍائي وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي. اسماعيل راهو ايوان کي ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي جيڪي ماڻهو ويٺا آهن، انهن مان گهڻن کي روينيو کاتي غلط رڪارڊ ٺاهي ڏنو آهي، ڪجهه معاملا عدالتن ۾ هلي رهيا آهن. صوبائي وزير ٻڌايو ته 1960 کان قبضن جو سلسلو شروع ٿيو هو، جيڪو بعد ۾ به جاري رهيو، ديهه رائلو ۾ 700 ايڪڙ زمين تي قبضو آهي، ديهه موڙهو موڙو جبل تي 114 ايڪڙ زمين آهي، اتي قبرستان ۽ مسجدون ٺهيل آهن. ديهه سون ولهار 19 ايڪڙ زمين تي قبضو آهي، ديهه خانپور ۾ 910 ايڪڙ زمين تي قبضو آهي. هن وضاحت ڪئي ته هي سڀ قبضا ماضي ۾ ٿيا آهن، 10 کان 15 سالن کان هڪ به قبضو ناهي ٿيو، اسان سموري زمين تي بائونڊري بنائڻ جي پاليسي ڏئي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ اسماعيل راهو چيو ته قبضو ٿيل زمين تي ايف آئي آرز داخل آهن، ڪجهه ماڻهو عدالتن ۾ ويل آهن، هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪيس پيا آهن. اسماعيل راهو چيو ته منهنجي اطلاع مطابق ان ۾ هڪ سياسي ماڻهو ملوث نه آهي. هن چيو ته هي زمين يونيورسٽي جي آهي، ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي، ان جو قبضو خالي ڪرائڻ هڪ اشو آهي، اسان قبضو ختم ڪرائڻ لا قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته هي يونيورسٽي جي زمين ڪافي ديهه تي ٻڌل آهي، پيپلزپارٽِي جي حڪومت ۾ هڪ به قبضو ناهي ٿيو. صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته يونيورسٽين ۾ انتهاپسندي روڪٿام ڊگري جي حوالي ڪائي ڊگري پروگرام نه آهي. هن ٻڌايو ته ملڪ جي ٻين يونيورسٽين مان به ڄاڻ ورتي پر اتي به اهڙو ڪوئي پروگرام مان ناهي ڏٺو، جيڪڏهن وچ ۾ ڪو واقعو ٿي وڃي ٿو ته ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. اسماعيل راهو چيو ته معاشري ۾ انتهاپسندي اچي رهي آهي، جنهن جا کوڙ سبب آهن. سيد سردار شاهه چيو ته سنڌ ۾ صوفي يونيورسٽي قائم ڪئي وئي آهي، ان جو مقصد به ماڻهن ۾ برداشت جي پيغام کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت 27 يونيورسٽيون آهن، جن ۾ 16 يونيورسٽيون پيپلزپارٽي جي دورن ۾ ٺهيون آهن، دنيا جي هڪ به يونيورسٽي انتهاپسندي تي ڊگري نه پئي ڏي، جڏهن ته سنڌ مدرسته السلام ۽ سکر آئي بي اي يونيورسٽي ان ۾ غور ڪيو آهي، صوفي ازم ڪنهن يونيورسٽي ۾ نه پيو پڙهايو وڃي. صوفي ازم هڪ رويي جو نالو آهي، ان لاءِ هڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو وڃي. اسماعيل راهو هڪ سوال تي چيو ته سنڌ حڪومت هڪ سرچ ڪميٽي ٺاهي آهي، جنهن جو چيئرمين شرف علي آهي، جيڪڏهن ڪنهن چيئرمين بورڊ جي خلاف ڪا شڪايت آهي ته ان تي ايڪشن وٺون ٿا، اسان وٽ 6 ڪيس ڪنٽرولرز جي خلاف آهن، ادان کي عدالتن جي حڪن جي ڪري ٽن نالن تي روڪي ڇڏيو آهي. سرچ ڪميٽي جي ذريعي ڪنٽرولر مقرر ڪريون ٿا. هن چيو ته اڃا ڪنٽرولر جا 6 ڪيس عدالتن ۾ آهن، عدالتن ۾ جيڪو معاملو آهي، اهو مستقل ڪنٽرولر رکڻ جو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ 3 بورد آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button