
ميرپور بٺورو: ميرپور بٺورو ۾ وڌندڙ بدامني خلاف مختلف تنظيمن پاران بک ھڙتال ڪئي وئي خبر موجب ميرپور بٺورو ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري اتحاد ۽ واپاري ايسوسيئيشن جي سڏ تي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جتي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. بک هڙتالي ڪئمپ تي ويٺل اڳواڻن عبدالغفور ميمڻ، فقير محمد علي خواجه، حبيب الله کٽي ڏاڏا اسماعيل شورو، ڪاشف خواجا، ڊاڪٽر سريش ڪمار، عبدالغني ملاح، قادر بخش زئور ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ميرپور بٺورو ۾ وڌندڙ بدامني شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڦورو خاص ڪري هندو برادري جي واپارين کي ٽارگيٽ ڪري ڦري لٽي رهيا آهن، جنهن ڪري ديوان ۽ ٻيا واپاري غير محفوظ بڻجي ويا آهن، هنن چيو ته ايس ايس پي سجاول ڏوهارين ۽ منشيات فروش جي سرپرستي ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري ڏوهن ۽ منشيات ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. هنن ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ايس ايس پي سجاول کي هٽائي ايماندار ايس ايس پي مقرر ڪري ضلعي جي عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.