سکر جي عدالت ادارن جي توهين ڪرڻ جي الزام ۾ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز کي 10 مارچ تي طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. سکر جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف سکر جي ضلعي صدر ظهير بابر طرفان مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لا درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جنهن تي ايديشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر شنوائي ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مريم نواز جلسي ۾ تقرير دوران ملڪ جي ادارن خلاف ڳالهايو آهي، هن عوام کي ادارن خلاف بغاوت لا ڀڙڪائڻ جي ڪوشش به ڪئي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مريم نواز کي 10 مارچ جو نوٽيس جاري ڪيو ۽ ايس ايڇ او ماڊل ٽائون، ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سائبر ڪرائيم ۽ ايس ايس پي سکر کي پڻ طلب ڪري ورتو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close