پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

سون وٺڻ بابت سوچجو به نه! تولو 2 لک رپين کان به چڙهي ويو

ڊالر جو اگهه وڌڻ شرط سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ به هڪ ئي ڏينهن اندر ساڍا 9 هزار رپيا في تولو اضافو ٿي ويو، جنهن بعد في تولو اگهه 2 لک رپين جي حد به پار ڪري ويو آهي. مارڪيٽ ريٽ مطابق سون جو في تولو اگهه 2 لک 6 هزار 500 رپين تائين پهچي ويو آهي. مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن اندر استحڪام ڏسڻ ۾ آيو پر ڪالهه خميس تي سون جا اگهن ۾ انتهائي تيزي سان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. مقامي سونارن ۽ واپارين جو چوڻ آهي ته سون جي اگهن ۾ واڌ جو وڏو ڪارڻ غير يقيني معاشي صورتحال آهي، ڇاڪاڻ ته ڊالر جيان سيڙپڪار سون جي ڪاروبار ۾ به سيڙپ ڪري رهيا آهن، اهو ئي اگهه وڌڻ جو سبب بڻيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button