ڪراچي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڄام ساقي اسان جي ذهنن ۽ دلين ۾ هميشه زنده رهندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ پارٽي اڳواڻ ڄام ساقي مرحوم کي پنجين ورسي تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو جمهوريت پسند ۽ ڊگهي نظر رکندڙ عوامي اڳواڻ هو. هن چيو ته ڄام ساقي مرحوم جون جبري پورهئي کي روڪڻ ۽ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون به فراموش ڪرڻ جوڳيون نه آهن. پرڏيهي وزير اهو به چيو ته ضيا جي آمريت دوران جڏهن ڄام ساقي خلاف بغاوت جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو هو ته ان جي بيگناهي جي شاهدي ڏيڻ لاءِ شهيد ڀٽو پاڻ ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ٿي هئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڄام ساقي پاڪستان ۾ پورهيت طبقن جي حقن لاءِ جدوجهد ۽ مثالي قربانيون ڏيڻ جو نالو آهي، ڄام ساقي هڪ سوچ جو نالو آهي، جنهن کي موت به نٿو اچي سگهي هو، اسان جي ذهنن ۽ دلين ۾ هميشه زنده رهندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close