پاڪستانسنڌ

ڄام ساقي اسان جي ذهنن ۽ دلين ۾ هميشه زنده رهندو:بلاول ڀٽو

ڪراچي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڄام ساقي اسان جي ذهنن ۽ دلين ۾ هميشه زنده رهندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ پارٽي اڳواڻ ڄام ساقي مرحوم کي پنجين ورسي تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو جمهوريت پسند ۽ ڊگهي نظر رکندڙ عوامي اڳواڻ هو. هن چيو ته ڄام ساقي مرحوم جون جبري پورهئي کي روڪڻ ۽ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون به فراموش ڪرڻ جوڳيون نه آهن. پرڏيهي وزير اهو به چيو ته ضيا جي آمريت دوران جڏهن ڄام ساقي خلاف بغاوت جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو هو ته ان جي بيگناهي جي شاهدي ڏيڻ لاءِ شهيد ڀٽو پاڻ ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ٿي هئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڄام ساقي پاڪستان ۾ پورهيت طبقن جي حقن لاءِ جدوجهد ۽ مثالي قربانيون ڏيڻ جو نالو آهي، ڄام ساقي هڪ سوچ جو نالو آهي، جنهن کي موت به نٿو اچي سگهي هو، اسان جي ذهنن ۽ دلين ۾ هميشه زنده رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button