پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد ۾ موٽر ٺاهيندي پيرسن ڪرنٽ ۾ فوت

ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب اڌڙوٽ شخص فوت ٿي ويو. ٽنڊوجان محمد جي الله آباد ڪالوني ۾ 50 ورھين جو لال زمان راجپوت ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پھتي. فوتي جي ڀا قمرالزمان ۽ پٽ عمران راجپوت چيو ته فوتي گھر ۾ اڪيلو ھو، لوڊشيڊنگ دوران پاڻي جي موٽر جو ڪنيڪشن جوڙي رھيو ته اوچتو بجلي اچڻ سبب کيس ڪرنٽ لڳو ۽ هو فوت ٿي ويو. پاڙيواري لياقت آرائين جو چوڻ ھو ته واقعي کان پھرين ھن مون کي چانهھ کڻي اچڻ لا چيو، منھنجي پھچڻ تي ھو فوتي حالت ۾ پيل ھو. پوليس جي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، جيڪي اباڻي ڳوٺ ديھه 201 ڳوٺ شاهھ زمان کڻائي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button