پاڪستانسنڌ

شهيد سلطان محمود ڪرڪيٽ چئمپين شپ ۾ 4 ٽيمن ۾ مقابلا

ميرپورخاص: ميرپورخاص پريس ڪلب جي زير نگراني سنڌ حڪومت جي سهڪار سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسپورٽس ڪمپليڪس پي سي بي گرائونڊ ۾ ٿيندڙ شهيد محمود سلطان چانڊيو 100 بال ليگ ڪرڪيٽ چئمپين شپ ۾ کيڏيل 2 ميچن جا فيصلا ٿي ويا. پهرين ميچ ۾ شهيد عمران اليون جي ٽيم پيراڊائز سڪسرز جي ٽيم کي 9 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. بيٽنگ ڪندي پيراڊائز سڪسرز جي ٽيم 100 بالن تي 95 رنس ٺاهي سگهي. جوابي بيٽنگ ڪندي شهيد عمران اليون جي ٽيم مخالف ٽيم پاران ڏنل ٽارگيٽ 9 وڪيٽن تي پورو ڪري ڇڏيو. ٻي ميچ ۾ شهيد محمود سلطان چانڊيو جي ٽيم ايم ڊي اسٽرائڪرز جي ٽيم کي 8 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. ايم ڊي جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 100 بالن تي صرف 63 رنسون ٺاهي سگهي. شهيد محمود سلطان چانڊيو جي ٽيم ٽارگيٽ 2 وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button