پاڪستانسنڌ

پاڻي جي لنگهن تان قبضا ختم نه ٿيا ته ٻيهر نقصان ٿيندو:منور ٽالپر

ميرپورخاص: پ پ ايم اين اي مير منور ٽالپر 2023ع جي امڪاني زوردار برساتن جي سلسلي ۾ ميرپورخاص شھر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ڊي سي ميرپورخاص کان تفصيل ورتا، بعد ۾ ايم اين اي مير منور ٽالپر پ پ اڳواڻ غلام قادر مري، ضلعي جنرل سيڪريٽري مير حسن ڌونڪائي، عبدالسلام ميمڻ ۽ مير الهداد ٽالپر سان گڏ پريس ڪلب جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي مير منور چيو تھ 2022ع جون برساتون 2010ع ۽ 2011ع کان وڌيڪ زوردار ھيون، پر بدقمستي سان اسان وٽ پاڻيءَ جي قدرتي وھڪرن تي ماڻھن جا قبضا ٿيل آھن. پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي حڪم تي سنڌ حڪومت قدرتي وھڪرن تان قبضا ھٽائڻ لاءِ قانون پاس ڪيو آهي، ھن وقت قانون موجب سمورن پاڻيءَ جي قدرتي وھڪرن جون ليزون ۽ کڻتون رد ٿيل آھن، پر آبپاشي ۽ روينيو کاتي جي عملدارن پاران قانون تي عمل نھ ڪرائڻ سبب قبضا برقرار آھن، ان ڪري قانون جي رٽ بحال ڪري اھي قبضا ھٽائڻا ئي پوندا، نھ تھ ٻيھر وڏو نقصان ٿيندو. ھن چيو تھ ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ بدين اھڙا ضلعا آھن، جن مان اٽڪل سموري سنڌ جي ٻوڏن جو برساتي پاڻي گذري ٿو، ان ڪري ھاڪڙي درياھه ۽ پراڻ ندي سميت سمورن وھڪرن جي روٽن کي الڳ الڳ طريقي سان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائڻو پوندو. ھن چيو تھ ايل بي او ڊي سسٽم جي اسپائل ڊرين جتي پراڻ جي قدرتي وھڪرن ۾ رڪاوٽ آھي، اتي 4 سائفن ڏئي پراڻي جي 25 ھزار ڪيوسڪ پاڻي سندس اصل رستي تان گذاري شڪور ڍنڍ وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرايو ويندو ۽ ان ڏس ۾ ڪم ھلندڙ آھي. ميرپورخاص ڊويزنل ھيڊڪوارٽر جو شھر آھي، ان ۾ آءِ ٽي سينٽر ھجڻ لازمي آھي، جنھن سان جديد دور جي تقاضائن موجب صحافت کي ھٿي ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button