پاڪستانسنڌ

بڪيراشريف ۾ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

بڪيرا شريف: بڪيرا شريف درگاهھ قلندر قائم الدين قريشي جي رهواسي 30 سالن جي نوجوان نثار علي شيدي وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي. ماروڙي ڪالوني لڳ ڪيلي جي فصل جي بائونڊري تي موجود وڻ ۾ لاش ٽنگيل ڏسي رهواسين پوليس کي اطلاع ڏنو، بڪيرا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش لهرائي سول اسپتال ٽنڊوالهيار پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button