پاڪستانسنڌ

حيدرآباد جي 71 اڌر ڪيڊر استادن کي رليو ڪرڻ لا نوٽيفيڪشن جاري

حيدرآباد: حيدرآباد ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آَفيسر عزيزالرحمان ڏهوٽ هڪ نوٽيفيڪشن جاري ڪندي حيدرآباد ضلعي جي 71 اڌر ڪيڊر استادن کي رليو ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تعليم کاتي جي 17 فيبروري تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق حيدرآباد ضلعي ۾ 2012ع ۾ ڀرتي ڪيل اڌر ڪيڊر استادن جي اسڪروٽني رپورٽ ۾ 71 اڌر ڪيڊر استادن جون ڊگريون جعلي بوگس نڪتيون، جنهن بعد سيڪريٽري ايجوڪيشن 71 استادن کي برطرف ڪندي پگهارون روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو، ان ئي نوٽيفڪيشن تحت اڌر ڪيڊر وارن 71 استادن کي رليو ڪيو وڃي. ڊي اي او حيدرآباد ضلعي جي سمورن اسڪولن جي هيڊماسترن ۽ هيڊمسٽريس کي پڻ هدايت ڪئي ته 71 استادن کي رليو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button