پاڪستانرانديون

بابر جي سينچري ضايع، ڪوئيٽا 241 رنسن جو جبل چڙهي پي ايس ايل ۾ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ٽيم پاڪستان سپر ليگ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ٽارگيٽ حاصل ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي، جيسن را صرف 63 بالن تي 145 رنسن جي ميراٿن اننگز کيڏي، جنهن ڪري مخالف ٽيم پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم جي سينچري ضايع ٿي وئي، پنڊي اسٽيڊيم ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽر 241 رنسن جو هدف صرف 2 وڪيٽن جي نقصان تي 49 هين اوور ۾ پورو ڪري ڏيکاريو، جنهن ۾ حفيظ به 41 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ڪوئيٽا ٽيم جي بئٽرز 30 چوڪا ۽ 9 ڇڪا هڻي مجموعي طور ڪنهن به ٽي ٽوئنٽي اننگز ۾ وڌ کان وڌ بائونڊريز جو رڪارڊ به قائم ڪري ورتو. جيسن را کي پليئر آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button