پاڪستانسنڌ

چونڊون جي ڊي اي جي پليٽفارم تان وڙهڻ جو اعلان،ايس يو پي جي لانگ مارچ جي حيدرآباد ۾ شاندار آجيان

حيدرآباد: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ايندڙ چونڊون گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي پليٽ فارم تان وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو اعلان اڳواڻن پيادل مارچ حيدرآباد پهچڻ جي موقعي تي ڪيو. مهانگائي، بدامني، ڪرپٽ حڪومت ۽ ڊَجيٽل آدمشماري خلاف سکر شهر کان نڪتل پيادل سنڌ لانگ مارچ حيدرآباد شھر پهتو، ھٽڙي باءِ پاس کان شروع ڪيل مارچ حيدرآباد شھر جي مختلف علائقن هالا ناڪو، جيل روڊ، هيرآباد، تلڪ چاڙهي، گاڏي کاتو، ڪوهنور چوڪ کان ٿيندو حيدر چوڪ پھتو، جتي وڌو جلسو منعقد ڪيو ويو، مختلف ھنڌن تي مارچ جو ڀرپور استقبال ڪيو ويو، جنهن ۾ ايس يو پي، فنڪشنل ليگ سميت مختلف قومپرست ۽ سياسي جماعتن جي ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي نمائندن، وڪيلن، صحافين ۽ ساڃاھھ وندن يڪجھتي طور پيادل مارچ ۾ شرڪت ڪئي. پيادل مارچ ۾ ڪارڪن آئي آئي جي ڊي آ اي، سنڌ کپي ٿي خود مختيار جا نعرا لڳائيندا رهيا. ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ۽ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ روشن علي ٻرڙو خطاب ڪندي چيو ته اڄ 21 ڏينهن کانپو پيرين پنڌ ڪري حيدرآباد پهتا آهيون، زرداري ليگ سنڌ کي معاشي ۽ سماجي طور تباهه ڪيو آهي، سنڌ جو عوام ھاڻ ھنن حڪمرانن کي چڱي طرح سمجھي چڪو آھي، حڪمرانن سنڌ کي ٻھ دفعا وڏي ٻوڏ ۾ ٻوڙيو آھي، سنڌ جا 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو دربدر آھن، غربت ۽ بيروزگاري سبب ماڻهو ذهني مريض ٿي ويا آهن. ھن چيو تھ ملڪ ۾ جعلي چونڊون ڪرايون وينديون رھيون آھن ۽ ھاڻ بھ اھو ئي سوچيو پيو وڃي تھ جعلي چونڊون ڪرائي عوام جي حقيقي نمائندن کي ايوانن ۾ اچڻ کان روڪيو وڃي، ملڪ کي معاشي طور تباهه ڪيو ويو آھي، سڄي دنيا ۾ پنڻ وارا حڪمران آئي ايم ايف جا قرضي ٿي ويا آهن. ھن چيو تھ سنڌ ۾ قانون نالي ڪا شي ناهي، پ پ خلاف چونڊون وڙهندڙ اميدوارن خلاف ڪوڙا ڪيس ڪري دهشتگردي جا قلم لڳايا وڃن ٿا تھ جيئن ماڻھن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي. ھن چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، آدمشماري ذريعي سنڌين کي پنهنجي وطن تي حق حڪمراني کان محروم ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي، ھي سنڌ جي ماڻھن سان وڏو فراڊ ۽ ڊرامو آھي، سنڌ کي ٽوڙڻ جي لاءِ نوان صوبا ٺاھڻ جي لاءِ ڪميٽيون ٺاھيون پيون وڃن. ھن پيادل مارچ جو سڄي سنڌ ۾ شاندار استقبال ٿيو آهي، سنڌ جو هر ماڻهو سمجهي ٿو ته ھن مارچ جا پانڌيئڙا اسان جا مسيحا آهن، اسان اهڙي ظلم ۽ جبر جي نظام کي نٿا مڃون، اسان کي صاف پاڻي، تعليم صحت، روزگار ۽ بنيادي سهولتون گهرجن، ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ امير آزاد پنهور خطاب ڪندي چيو ته اسان هاڻ اليڪشن جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان وڙهنداسين. بلوچ ۽ سنڌي ماڻهو پنهنجي ووٽ جي اهميت کي به سمجهن. هن چيو ته اسان سکر کان لانگ مارچ جو پنڌ شروع ڪيو ۽ سڪرنڊ وٽ پھتاسين تھ سيد زين جي طبيعت خراب ٿي وئي، سيد زين شاھھ اسان کان الڳ ٿيو تھ اسان جون وکون ڳريون ٿي پيون، پر جڏھن پنڌ ھلندا وياسين ۽ ماڻھو جون محبتون ۽ جذبو ڏٺوسين تھ اھو محسوس ٿيو تھ سڄي سنڌ زين ٿي پئي آهي. ھن چيو تھ حڪمران ھاڻ اھا ڳالھھ سمجھي وٺن تھ سنڌ توهان کي جواب ڏيڻ ۽ انڪار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پيپلا سمجھن ٿا تھ اٽي جي ٿيلھي ۽ انڪم سپورٽ پروگرام تي ماڻھن کي ھلائيندا پر ھاڻ اھو وقت گذري ويو سنڌ جا ماڻھو توهان مان بيزار ٿي چڪا آھن. ھن چيو تھ پيپلزپارٽي وارا سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن ڪري پئسا گڏ ڪندا آھن، پر اسان سنڌ جا عاشق گڏ ڪندا آھيون، حڪمرانن سڄي سنڌ کي ھٿ سان ٻوڙايو آھي، ھن چيو تھ پيپلزپارٽي 18 ھين ترميم جو راڳ آلاپيندي آھي، پر اسان کي 18 ھين ترميم نھ پر سنڌ جي مڪمل خودمختياري ۽ حق حاڪميت جو حق گھرجي ٿو. هن چيو ته سنڌ ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهي، اسين سنڌ جا وارث آهيون، اسان ئي ان جي مالڪي ڪنداسين. سنڌي سائين جي ايم سيد جي فڪر سان گڏ آهن، سنڌ اسان سان هر هنڌ گڏ بيٺي آهي. ھن چيو تھ اڄ اسان جي جاگرافي ۽ وسيلا ۽ محفوظ ناهن، سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ اسان جي نوجوانن کي رات جي پيٽ ۾ کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪرڻ آسان جو قانوني ۽ آئيني حق آهي، اسان سنڌ جي مالڪي ۽ سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون. ھن چيو تھ اسان پنهنجي ووٽ جو تحفظ ڪنداسين، ڇو تھ اھا بدقسمتي آھي تھ پنجاب، بلوچستان ۽ پختونخوا جو ووٽ انھن جي حقن ۽ تحفظ جي لاءِ استعمال ٿئي ٿو، پر سنڌ جو ووٽ سنڌ جي خلاف استعمال ٿي رھيو آھي. پاڪستان مسلم فنڪشنل ليگ سنڌ جي نائب صدر سيد اسماعيل شاهه راشدي چيو ته 15 فيبروري تي زين شاهه مهانگائي خلاف مارچ شروع ڪيو، جيڪو پنڌ هلندي بيمار ٿي پيو، ان جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون. هن چيو ته ھن وقت مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، سنڌ جي عوام سان گذريل 15 سالن کان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو آهي، ان جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي. ھن چيو تھ وطن يا ڪفن، آزادي يا موت اسان ۽ اسان جي وڏن جو نعرو آهي، اسان هر ڏکئي دور جو مقابلو ڪيو آهي، سنڌ جي حقن لاءِ سينو اڳيان ڪري بيٺا آهيون، پير پاڳاري هيمشه حق ۽ سچ جي سياست ڪئي آهي، اسان کي يقين آھي تھ سرخرو ٿينداسين، سنڌ جي حقن جي سوديبازي نه ڪنداسين، اسان ڪفن ٻڌي نڪتا آهيون، وڙهنداسين ۽ مقابلو ڪنداسين، سنڌ اسان جي ڌرتي ماءُ آهي، سنڌ جو عوام بيوقوف ناهي، ايس يو پي جي جنرل سيڪريٽري امير علي ٿيٻو چيو ته گذريل 15 سالن کان پ پ سنڌ مٿان قابض آهي، هينئر پ پ زرداري ليگ آھي، جنهن سنڌ جي ماڻهن جو قتلام ڪيو آهي، هي قافلو سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ شروع ٿيو هو، پر اھو پنڌ ڪندي هن وقت اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل آهي. ھن چيو تھ ھنن بي حس حڪمرانن جي ڪري سنڌ جي ڳڀرو نوجوانن جا چچريل لاش ڏنا ٿا وڃن، انهن جا پيرا بھ پيپلزپارٽي ۽ ان جي قيادت طرف وڃن ٿا. جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ھن مارچ جا پانڌيئڙا جيڪا تڪليف برداشت ڪري رھيا آھن اھا رائيگان نه ويندي، ھي مارچ اڃا حيدرآباد مس پھتو آھي تھ سي سي آئي ۾ ڊجيٽل آدمشماري تي صحيحيون ڪري ايندڙ مراد علي شاھھ اسيمبلي ۾ قرارداد پاس ڪرائي رھيو آھي، پيپلزپارٽي وارن اھو اوچتو ئي رنگ ائين ناھي بدلايو، نھ ئي سنڌ جي ماڻھن جي ماڻھن جي عشق ۾ ھو پيپلزپارٽي آدمشماري تي خدشا ظاھر ڪري رھي آھي، اھا ڳالھھ ياد رکجو تھ جڏھن ھي مارچ ڪراچي پھچندو تھ پيپلزپارٽي وارا چوندا تھ اسان ھن ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪيون ٿا. ھن چيو تھ ھن پيادل مارچ سنڌ ۾ سياسي سجاڳي، عوام جي راءِ سان گڏ همت پيدا ڪئي آهي، سنڌ هاڻي جاڳي پئي آهي، سنڌ ڪو بھ سنڌ دشمن فيصلو قبول نھ ڪندي. ھن چيو تھ ڀلي اسان جون پارٽيون ۽ جھنڊا الڳ ھجن، پر اسان سڀني جو نعرو سنڌ آھي. ھن اردو ڳالھائيندڙن سان مخاطب ٿيندي چيو تھ اسان جا اردو ڳالھائيندڙ ڀائر اھا ڳالھھ سمجھي وٺن تھ ھي افغاني رڳو سنڌي ڳالھائيندڙن جي لاءِ نقصانڪار ناھن، پر اھي اردو ڳالھائيندڙن جي لاءِ بھ نقصانڪار آھن، ان ڪري افغانين جي نيڪالي جي لاءِ اردو ڳالھائيندڙ بھ آواز اٿارين، ڪنھن سان ڪو جھيڙو ناھي، بس رڳو ڌارين جو معاشي بائيڪاٽ ڪيو وڃي تھ ھي پاڻ ئي ھتان ڀڄي ويندا، اسان سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي گڏجي افغانين مان جان آجي ڪرائڻي پوندي. جي ڊي اي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سيد زين شاهه سنڌ جو قومي اڳواڻ ۽ ڪارڪن آهي، جيڪو ائين اڳتي وڌيو آهي، سيد زين شاهه سنڌ جي سياسي سمنڊ ۾ جيڪو پٿر اڇلايو، ان جون لهرون سڄي سنڌ ۾ پکڙجي رهيون آهن. ھن چيو تھ پيپلزپارٽي وارا 15 سالن کان سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري ويٺا آهن، وقت اچي ويو آهي تھ چورن ۽ لٽيرن کي سمنڊ جي حوالي ڪجي. ھن چيو تھ منھنجي گذارش آھي تھ سمورا قومپرست ھڪ اتحاد ۾ گڏ ٿين، ھي تحريڪ شروع ٿي آهي جيڪا جاري رهندي. پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سردار عبدالرحيم چيو تھ ھن مارچ جو ڪراچي ۾ ڀرپور نموني سان استقبال ڪيو ويندو، ايس يو پي جي ڊي اي ۾ شامل ٿي چڪي آهي ۽ اسان جي خواهش هئي ته ايس يو پي اسان سان گڏ هجي، اسان جو نظريو متحد سنڌ ۽ مضبوط پاڪستان، اسان پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ سنڌ کي متحد ڪرڻ ضروري آهي، سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪندڙ ۽ سنڌ کي لٽيندڙن خلاف اٿي بيهڻ جو وقت اچي ويو آهي. ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر جڳديش آهوجا چيو ته اڄ سفر جو 21 هون ڏينهن ھو، سيد زين شاھھ فڪرمند هو تھ مارچ اڳتي ڪيئن وڌندو، پر قومي ڪارڪنن سڄي سنڌ ۾ اسان جو شاندار استقبال ڪيو، جنھن تي کين سلام پيش ڪريان ٿو، اڄ حيدرآباد ۾ شاندار آجيان ڏسي اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ ڪراچي ۾ اسان وڏي تعداد ۾ گڏ ٿينداسين، سنڌ هاڻ تبديل ٿي وئي آهي، سنڌ جو عوام هاڻ عوام دوست سياست چاهي ٿو، پ پ جي بدعنوان حڪومت جي تڏا ويڙهه ڪنداسين. ھن چيو تھ پي ڊي ايم جون جماعتون سمجھن ٿيون تھ سنڌ آصف زرداري جي کيسي ۾ پيل آھي، پر کين اھا ڳالھھ سمجھڻ گھرجي تھ جيڪڏھن ھو سنڌ جي ماڻھن سان گڏ ھلڻ چاھين ٿا تھ زرداري مان پنھنجي جان آجي ڪرائين، پيپلزپارٽي وارا سنڌ جا نمائندا ناھن، پي ڊي ايم جي جماعتن کي سنڌ دوست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھيون ڪرڻيون پونديون. ايس يو پي جي اڳواڻ سيد منير حيدر شاهه چيو تھ سنڌ جا ماڻھو ڪنھن جا بھ قرضي ۽ غلام ناھن، جيڪڏھن اسان قرضي ۽ غلام آھيون تھ سنڌ جا آھيون، ان ڪري ضروري آھي تھ پنهنجي وطن لاءِ آواز اٿاريون، ڪرپٽ ٽولي مان جان آجي ڪرايون، جن سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو آهي، جيڪا پارٽي پنهنجي اڳواڻ جي خون سان انصاف ناهي ڪري سگهي، اھا سنڌ جي ماڻھن سان ڪھڙو انصاف ڪندي، حڪمرانن جي ڪرتوتن جي وڏي لسٽ آهي، ڌارين کي بنا ڪنهن پڇا جي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن، ڇو تھ کين ڌارين جا ووٽ گھرجن، پيپلزپارٽي جي لاءِ سياست خدمت نه پر ڌنڌو آهي. ان موقعي تي خدابخش ٿيٻو، ڊاڪٽر بدر چنا، فنڪشنل ليگ اڳواڻ ارشد شر ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو، جڏھن تھ قومپرست اڳواڻ آصف بالادي ۽ اسماعيل وساڻ سميت وڪيل، صحافي ۽ مختلف جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ موجود ھئا. ايس يو پي جو پيادل مارچ حيدر چوڪ کانپو قافلو نسيم نگر پهتو. جتي يونس مهر جي رهائشگاهه تي ترسڻ بعد اڄ صبح جو پيادل مارچ قافلو ٽنڊو محمد خان طرف روانو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button