سنڌ

بي آر ٽي منصوبي تي ڪم 48 ڪلاڪن ۾ فل فلو ۾ آندو وڃي:شرجيل ميمڻ

اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي تي ڪم جي رفتار کي 48 ڪلاڪن ۾ فل فلو ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. صوبائي وزير چيو ته ٻن ڏينهن کانپوءِ هو پاڻ سائيٽ جو دورو ڪري ان جو معائنو ڪندو. هن اها ڳالهه بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صورتحال کان پوري طرح واقف آهي، مهانگائي سبب منصوبي جي لاڳت وڌي رهي آهي. سنڌ حڪومت ۽ ٽرانس ڪراچي منصوبي جي ٺيڪيدارن جا مسئلا حل ڪري کين هر ممڪن مدد فراهم ڪندا. ملاقات دوران صوبائي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ٽرانسپورٽ اسپيشلسٽس لائيڊ رائٽ سان پڻ وڊيو لنڪ تي رابطو ڪيو. منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ منصوبي ۾ مستقبل ۾ تاخير کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائين اهم منصوبو آهي، جيڪو پاڪستان جو پهريون بايو گيس منصوبو آهي، هن سي اي او ٽرانس ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو روزانو اجلاس منعقد ڪري منصوبي تي ڪم جو جائزو وٺي ۽ کيس هفتيوار منصوبي جي اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪري. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هڪ هڪ ڏينهن اهم آهي، سبزي منڊي، بيت المڪرم، سوڪ سينٽر ۽ ٻين هنڌن تي شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ /سي اي او ٽرانس ڪراچي عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنا، جي ايم انفراسٽرڪچر ٽرانس ڪراچي پير سجاد سرهندي، پروجيڪٽ ٺيڪيدارن ۽ ڪنسلٽنٽس شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button