سنڌ

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي غربت ۽ ٻيا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مسلمان دنيا ۾ غربت، غذائي کوٽ ۽ موسمياتي تبديلين جهڙن انيڪ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي کي مؤثر طريقي سان استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن اها ڳالهه ڪراچي يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ “او آئي سي ملڪن ۾ سماجي ۽ معيشت لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ چيلنجز” جي عنوان تحت اسلامڪ ورلڊ اڪيڊمي آف سائنسز جي 24 سالن جي سائنسي اداري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ڪانفرنس ۾ صدر ورلڊ اڪيڊمي آف سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر عدنان بدران، سرپرست اعليٰ پروفيسر ڊاڪٽر عطا الرحمان، ڪوآرڊينيٽر جنرل ڪامسٽيڪ پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري، ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي، چيئرمين حسين ابراهيم جمال فائونڊيشن عزيز لطيف جمال، چيئرپرسن ڊاڪٽر پنجواڻي ميموريل ٽرسٽ محترمه نادرا پنجواڻي، IAS جي معزز شخصيتن سميت پرڏيهي ۽ مقامي نمائندن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته سائنس جو هي وڏو ايونٽ ڪوٺائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان سٺي سوچ وارو قدم رکيو ويو آهي ته جيئن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي کي مسلم دنيا ۾ غربت، غذائي کوٽ ۽ موسمياتي تبديلين جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سٺي نموني عمل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته هي ڪانفرنس انساني فلاح لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي امت مسلمه جي وڌندڙ دلچسپي ۽ عزم جي نمائندگي ڪري ٿي. هڪ پروفيشنل انجنيئر هجڻ جي ناطي وڏي وزير چيو ته هن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي تحقيق ۾ گهرج جي اهميت سان بخوبي واقف آهيان. هن چيو ته اسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان غربت، موسمياتي تبديلي، غذائي کوٽ ۽ وڌندڙ بيمارين وارن چيلنجن کي منهن ڏئي سگهون ٿا، جيڪي اڄ دنيا ۾ وڌيڪ آهي. وڏي وزي چيو ته اسان کي نه فقط مقامي سطح تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي نه پر عالمي چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻين ملڪن سان ڀاڱي ڀائيواري پڻ ڪرڻي پوندي. مراد شاهه چيو ته ڏسي خوشي ٿي ته اسان جو ريسرچ انسٽيٽيوٽ انٽرنيشنل سينٽر فار ڪيميڪل اينڊ بايولوجيڪل سائنسز مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان جي صلاحيت ۽ انساني وسيلن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ڪيميڪل، بائيو ميڊيڪل ۽ بائيو ڪيميڪل سائنسز ۾ گريجوئيٽ ٽريننگ لاءِ پڻ جاکوڙي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي مرڪز اسان جي نجي شعبي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، عالمي ڊونرز ۽ اسان جي سائنسدانن ۽ محققن جي پاڪستان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي ترقي لاءِ مضبوط عزم جو هڪ بهترين مثال آهي. هن جي حڪومت ICCBS کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي شروعات کي ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته منهنجي حڪومت جي مختلف کاتن آءِ سي سي بي ايس جي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪيو آهي ته جيئن ريسرچ سينٽر قائم ڪيا وڃن، صوبي جي موجوده ليبارٽري جي انفراسٽرڪچر کي اپ گريڊ ڪيو وڃي ۽ صحت ۽ زراعت جا مسئلا حل ڪيا وڃن جن کي اڄ صوبو منهن ڏئي رهيو آهي. ۽ آئي سي ايس جا اهي شعبا جنهن ۾ سنڌ سيرولوجي ۽ ڊي اين اي فرانزڪ ليب جو قيام، ڪراچي ۾ ڪيميڪو بيڪٽيريل ليب جي اپگريڊيشن ۽ روايتي ميڊيسن ريسرچ سينٽر آهن، انهن کي حڪومت مدد ڪري رهي آهي. وڏي وزير چيو ته اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته ICCBS پاران يونيورسٽين لاءِ هڪ اڻ کٽ سکيا جا پليٽ فارم ٺاهڻ واري خيال کي سائرن (سنڌ انوويشن، ريسرچ ۽ ايجوڪيشن نيٽورڪ) طور اختيار ڪيو ويو آهي، جيڪو سنڌ جي معروف يونيورسٽين کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو. هن چيو ته سندس حڪومت آءِ سي سي بي ايس جي پنجن مرڪزن کي سنڌ هيلٿ ڪيئر ريسرچ سهولتن طور اعلان ڪرڻ جو پڻ فيصلو آهي آهي، جنهن ۾ ريجنريٽيو ميڊيسن، ڊيزيز جينومڪس ۽ فارماسيڪوٽيڪل ريسرچ شعبا شامل آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين جي سالياني گرانٽ ۾ ٽيڻ تي اضافو ڪيو آهي، سندس حڪومت جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي شروعاتي قدمن سان تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سٺا نتيجا آندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي جي ڪارڪردگي بهتر آهي. وڏي وزير چيو ته ها! ڪجهھ مٽاسٽا ناڻي جا مسئلا آھن تنھنڪري ڪجهھ ڊوائيس/گيجٽس آرڊر نه ٿي سگھا، پر اھي مسئلا حل ڪيا ويندا. هڪ سوال ۽ جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سرڪاري يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ ڊائريڪٽر فنانس مقرر ڪيا ويندا، جنهن لاءِ طريقيڪار جوڙيو پيو وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button