پاڪستانپنجاب

لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون، پٿرا، شيلنگ، ڪيترائي گرفتار

لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي چونڊ مهم ريلي دوران ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿي پيون، پوليس تي پٿرا ڪيو ويو، اهلڪارن لٺبازي، شيلنگ ۽ پاڻي جو استعمال ڪري ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪيو ۽ ڪيترن کي ئي گرفتار ڪري ورتو، جنهن بعد عمران خان ريلي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف کي لاهور ۾ پنهنجي چونڊ مهم جي شروعات عمران خان جي قيادت هيٺ ريلي سان ڪرڻي هئي پر ان کان اڳ ۾ ئي پنجاب حڪومت گادي واري شهر لاهور ۾ هڪ هفتي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪندي جلسن، جلوسن ۽ ريلين تي پابندي لڳائي ڇڏي، ڪينال روڊ کان مال روڊ انڊر پاس ڏانهن ويندڙ رستو ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو، شهر جي مال روڊ تي پوليس ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙ تحريڪ انصاف ڪارڪنن وچ ۾ وقفي وقفي سان چڪرين جو سلسلو جاري رهيو، پوليس مال روڊ تي موجود پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪين جو استعمال به ڪيو ويو، ڪينال روڊ تي پوليس اهلڪار ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪن آمهون سامهون ٿي پيا، ڪارڪنن پوليس اهلڪارن تي پٿر وسايا، جنهن بعد وڌيڪ گرفتاريون ڪيون ويون، جڏهن ته عمران خان ريلي جي قيادت ڪرڻ بدران ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته اهي پرامن طريقي سان پنهنجي گهرن ڏانهن واپس هليا وڃن. ٻئي طرف عمران خان پوليس تي تحريڪ انصاف جي هڪ ڪارڪن کي تشدد ذريعي قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته پنجاب پوليس اسان جي هڪ ڪارڪن کي تشدد ڪري ماريو آهي، علي بلال هٿين خالي ريلي ۾ شريڪ هو ۽ تحريڪ انصاف جو تمام وفادار ڪارڪن هو، پوليس ريلي لا ايندڙ ڪارڪنن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي مذمت ڪريان ٿو، پوليس اختيارين تي ڪارڪن علي بلال جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائيندس. هن وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت جيڪي حرڪتون ڪري رهي آهي، اهي قانون جي حڪمراني، ملڪ جي آئين ۽ جمهوريت تي حملو آهن، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جو حڪم هڪ ڀيرو هوا ۾ اڏاريو وڃي ته پو باقي جهنگ جو قانون ئي باقي بچي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button