پاڪستانپنجاب

غير آئيني ڪردار ادا ڪرڻ تي جنرل (ر) فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ڪيو وڃي:مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته غير آئيني ڪردار ادا ڪرڻ تي جنرل (ر) فيض حميد کي عبرت جو نشانو بڻائي سندس ڪورٽ مارشل ڪيو وڃي، ادارن جي بدنامي جو سبب بڻجندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هڪ انٽرويو ۾ مريم چيو ته فيض حميد چئن ورهين تائين عمران حڪومت جي حمايت ڪري مُلڪ تباهه ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻه سال ن ليگ جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، غير آئيني ڪردار ادا ڪرڻ تي فيض حميد کي عبرت جو نشانو بڻائڻ گهرجي، سندس ڪورٽ مارشل ڪيو وڃي. هن چيو ته فيض حميد حاضر سروس هو ته سندس خلاف عدالت وئي هيس، سندس خلاف عدالت ۾ ثبوتن سان گڏ درخواست جمع ڪرائي، فيض حميد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج شوڪت صديقي جي گهر ويو ۽ کيس چيائين ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي ضمانت نه پر سزا ڏيڻي آهي. مريم نواز چيو ته هائبرڊ نظام آڻيندڙن کي سڀ کان وڏي سزا ووٽ کي عزت ڏيو جي شڪل ۾ ملي آهي، نوازشريف سهڻي نموني ماڻهن کي احساس ڏياريو ته سڀ ڪجهه آئيني ڪردار اندر بهتر لڳندو آهي، جيڪو آئيني ڪردار کان ٻاهر نڪري ڪجهه ڪندو ته ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته مان غير آئيني ڪردار ڪندڙن تي تنقيد ڪندي آهيان ڪنهن به اداري کي حدف بڻائڻ جي حق ۾ هرگز ناهيان، ادارن کي اهڙن ماڻهن کي سزا ڏيڻ گهرجي جيڪي ان جي بدنامي جو سبب بڻجن ٿا. هن چيو ته مان اڄ به حاضر سروس ماڻهن جا سرعام نالا کڻان ٿي ۽ سندن تصويرون ڏيکاريان ٿي، سياست ۽ مُلڪي نظام جن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي انهن جي نشاندهي تڏهن ڪئي جڏهن اِهي ڌريون سگهاريون ۽ بااختيار هيون. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ڪا بئنچ جڙي ٿي ته ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ٿي ته هاڻي ڪهڙو فيصلو ايندو، اسان وٽ انصاف جا ٻه معيار آهن، هڪ نواز ليگ لاءِ ٻيو ٻي پارٽي لاءِ آهي، منهنجي ثاقب نثار سان شايد ڪڏهن ڪا ملاقات نه ٿي پر جنرل باجوا سان هڪ ملاقات ٿي هئي، جنرل باجوا آرمي چيف بڻيو ته ساڻس پهريون ڀيرو وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي هئي ۽ سندس گهرڀاتي به موجود هئا، سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار اڃا تائين متحرڪ آهي، هو ڪيترا به ڪوڙ ڳالهائي پر قوم سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي ته ثاقب نثار قوم جو ڏوهاري آهي، ثاقب نثار انصاف جي سڀ کان وڏي منصب تي ويٺو هو پر هڪ ڪرنل ۽ برگيڊيئر کيس هدايتون ڏيندو هو، فيض حميد ثاقب نثار کي هدايتون ڏيندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button