پاڪستانعالمي

معاشي مشڪلاتون آهن پر عوام جي سهڪار سان ڏکئي وقت مان نڪري وينداسين:بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته معاشي ڏکيايون آهن پر عوام جي سهڪار سان مشڪل وقت مان نڪري وينداسين، ڪشمير، فلسطين، عراق ۽ يوڪرين ۾ عورتون جنگ سبب متاثر ٿي رهيون آهن ۽ کين تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن اهڙو اظهار سلامتي ڪائونسل ۾ عورتون، امن ۽ سيڪيورٽي جي موضوع تي مباحثي کي خطاب دوران ڪيون. بلاول بلاول ڀٽو چيو ته ڪائونسل آف فارين منسٽرز جي ذميواري او آئي سي اسان کي ڏني، 16 مارچ تي اسان هي ذميواري ٻئي ملڪ کي ڏئي رهيا آهيون، دنيا ۾ عورتن ۽ اسلام بابت غلط سوچ آهي، حقيقت ۾ دين اسلام سڀ کان پهريان عورتن کي حق ڏنا، دنيا ۾ پاڪستان، بنگلاديش ۾ عورت وزيراعظم رهيون، ڪنهن عورت کي رياست جو سربراهه بنائڻ جو اعزاز اڃا تائين آمريڪا کي حاصل نه آهي، اسان سڀني کي عورتن ۽ ٻارڙين خلاف ڏوهه گڏجي روڪڻا پوندا، عورتن کي پاڻ سان شامل ڪرڻ کانسوا ترقي ممڪن ناهي، عورتن کي تعليم جو زيور پارائي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سان اسلامو فوبيا تي ڪانفرنس رکي رهيا آهيون، جنهن ۾ اسلام ۽ اقليتن بابت اشوز تي روشني وجهنداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ مسئلا آهن ۽ ماضي ۾ به ڏکيو وقت ڏٺو آهي، پاڪستان خلاف پروپيگنڊا تي وڌيڪ ڌيان نه ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button