پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ ڪيلي جي واپارين ۽ مزدورن جو احتجاج جاري

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي بائي پاسي تي ڪيلي جي واپار جي واحد وڏي مرڪز کي ڊي سي ٽنڊوالهيار پاران بند ڪرائڻ واري نوٽيس خلاف ڪيلي جا واپاري ۽ سوين مزدور روڊن تي نڪري آيا. بائي پاس روڊ تي سوين مزدورن ۽ واپارين احتجاج ڪيو ۽ ڊي سي خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي واپاري نانا، رسول جروار، پورهيت حيدر خان ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي سي ٽنڊوالهيار ڪيلا مافيا کان لکين رپيا رشوت وٺي ڪيلي جي واپار جي وڏي مرڪز کي بند ڪرڻ چاهي ٿو، پر اسان ھن مرڪز کي بند ٿيڻ ڪونه ڏينداسين، اسان ڊي سي خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن به داخل ڪرائي آهي، مرڪز ۾ ڪيلي جي واپارين ۽ آبادگارن کي مناسب اگهھ ملي ٿو ۽ خريداري ڪئي وڃي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button