ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ 13 سالن جي نينگري کي اغوا ڪري 3 ڏينهن تائين مبينا جنسي زيادتي ڪئي وئي. نينگري جا جزا وٺي چڪاس لا ليبارٽري موڪليا ويا. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ مٺو کوسو جي رهواسڻ 13 سالن جي معصوم نينگري کي هڪ جوابدار گهر مان اغوا ڪري مبينا طور جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو. ان سلسلي ۾ نينگري جي والد ۽ متاثر نينگري جو چوڻ آهي ته جوابدار اسان جو عزيز آهي، جنهن جو گهر ۾ اچڻ آهي، والد جي غير موجودگي ۾ جوابدار گهر اچي بوتل ۾ نشو ڏئي سمورن گهرڀاتين سميت مون کي بيهوش ڪيو ۽ اغوا ڪري ٽن ڏينهن تائين ميرپورخاص ۽ ٽنڊالهيار ۾ رکيو ۽ جنسي زيادتي ڪندو رهيو، 3 ڏينهن بعد جوابدار مون کي ڇڏي ڏنو. نينگري گهر ڪئي ته جوابدار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. واقعي بابت سٽي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس نينگري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لا تعلقي اسپتال پهچايو، جتي سندس جزا ورتا ويا. ليڊي ڊاڪٽر موجب نينگري جا جزا وٺي ڪراچي موڪليا ويندا، جتان رپورٽ اچڻ کانپوءِ حتمي رپورٽ جاري ڪنداسين. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close