پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ سرداري نظام خلاف قومي عوامي تحريڪ جي ريلي

مٺي: مٺي ۾ قومي عوامي تحريڪ ٿرپارڪر پاران سرداري نظام ۽ شھيد ناظم جوکيو جي قتل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. وڪيل شاهنواز هنڱورجو، سبحان بجير، آتم راٺوڙ، پرشوتم پرمار، مريم ناز ۽ وزير سميجو جي اڳواڻي ۾ صادق فقير چوڪ کان ڪشمير چوڪ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڪنهن جي جاگير ناهي، پير مير ۽ وڏيرا غريب عوام کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ اچي سنڌين کي بيگناهھ قتل ڪن ٿا، سرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهي، اُنهي ڪري نوجوان هن ڀوتارڪي نظام خلاف روڊن تي اچي، ناظم جوکيو کي پکين جي وارثي ڪرڻ جي ڏوهھ ۾ ڀوتارن شهيد ڪرايو، شهيد جي خون جو هنن ظالمن کي حساب ڏيڻو پوندو، سنڌ جو نوجوان هاڻي وڏيرڪي سوچ خلاف متحد ٿي رهيو آهي، ڀوتارن جو گهيرو تنگ ٿيندو. هنن چيو ته ٿرڪول منصوبن ۾ مقامي ماڻهن کي حق نه ٿا ملن، اسان چاهيون ٿا ته سڄي سنڌ ۾ سرداري نظام خلاف هڪ ڊگهي تحريڪ هلي، هي جيڪا چڻنگ ٻري اُٿي آهي، يقينن بهتر نتيجا ڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button