پاڪستانسنڌ

غريبن جو هڏ ڏوکي ٿر جو مشهور زميندار صلاح لنجو وڇڙي ويو

اسلام ڪوٽ: ٿر جو مشھور ڀاڳيو زميندار، اوطاق هلائيندڙ ۽ ڪچهرين جو خان حاجي صلاح لنجو لاڏاڻو ڪري ويو. خبر موجب اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ وروائي جي رهواسي هاري مبين لنجو جي گهر ۾ 1926ع ۾ جنم وٺندڙ حاجي صلاح لنجو گذريل ڏينهن 95 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. وارثن موجب حاجي صلاح لنجو ٿر جو وڏي ۾ وڏو ڀاڳيو زميندار هو، هن ڪڏھن به مال جو کير نه وڪيو، روز صبح سوير سوين ڳوٺن جا ماڻھو مفت ۾ کير کڻڻ لاءِ وروائي جو پنڌ ڪن ٿا، مرحوم صلاح لنجي 1975ع ۾ ڇڪڙو ورتو ۽ پوءِ فور ويل جيپ ورتي، ان کانپوءِ ٿر ۾ سدابهار ڪارونجهر ڪمپني جي نالي سان ٿر بس سروس 5 بسن جي صورت ۾ هلائي،جيڪا ننگرپارڪر کان نئوڪوٽ تائين هلندي هئي، صلاح لنجو انتهائي سچو ۽ کرو ماڻھو هو، سادگي جي زندگي گذاريندڙ شخص هو،هڪ ڀيرو زمين تي هاري سان زمين جو ڪم ڪري رهيو هو ته ڌاڙيلن جو ٽولو اچي وٽس پهتو ۽ پڇيائون صلاح لنجو ڪٿي ٿو رهي، پاڻ ڌاڙيلن سان مخاطب ٿي چيائين ته مان ته هاري آھيان، مونکي خبر ناهي؟ ڇو جو سندس سادگي ايتري هوندي هئي جو ڌاڙيل به سڃاڻي نه سگهيا، پوءِ جيئن ئي ڌاڙيلن کي سندس سادگي جي خبر پئي ته وري ڪڏھن سندس زمين ۽ اوطاق طرف نه آيا. هارين ۽ ڌنارن سان تمام گهڻو پيار ڪندڙ شخص هو، هارين سان گڏ زمينن جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هو، حاجي صلاح وڏو ڀاڳيو ٿي گذريو، جنهن وٽ سوين ڍڳيون، مينهون، اُٺ، رڍون ۽ ٻڪريون اڄ به آھن، سندس اولاد ۽ پوٽا لاهور توڙي ڪراچي ۾ مال جو واپار ڪن ٿا، حاجي صلاح وٽ رهندڙ هاري يا ڌنار يا ڊرائيور پاڻ مرادو ڇڏي ويو ته ڀلي وڃي، پر ڪنهن کي جواب نه ڏنائين، چوندو رهندو هو هي ڪُل ڪمائي انهن مسڪينن جي دعائن جي ڪري ملي آھي، آئون ڪير ٿيندو آھيان جو ڪنهن جو روزگار کسيا، اُنهي محبت جي ڪري اڄ به 60 سالن کان اهي پُراڻا هاري سندس زمينون آباد ڪن ٿا، سندس گاڏين تي 30 سالن کان ساڳيان ڊرائيور موجود آھن. مرحوم جي آخري رسمن ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي سميت هزارين ماڻھن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button