
ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد جي وارڊ نمبر 10 ڳوٺ گيلپور ۾ 6 سالن جو معصوم نينگر مدثر پٽ گلزار خاصخيلي ڪتي جي بچا واري وئڪسين نه لڳڻ سبب مهيني بعد فوت ٿي ويو، نينگر جي والد گلزار خاصخيلي چيو ته پٽ کي ڳوٺ جي رولو ڪتن ڏاڙهيو هو، جنهن کي وئڪسين لا ٽنڊو جان محمد اسپتال کڻائي وياسين، پر اسپتال ۾ پٽ کي وئڪسين نه ڪئي وئي، اسپتال مان ٻه ٽي ڀيرا پڇا ڪئي، پر وئڪسين نه هجڻ جو چئي ڊگھڙي ۽ صوفي آباد جي اسپتالن ڏانهن موڪليو ويو، پر اتي به وئڪسين نه هجڻ جو چيو ويو، منهنجو معصوم پٽ مهينو پورو تڙپندو رهيو ۽ مهيني بعد وئڪسين نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو. ٻئي طرف ٽنڊو جان محمد صحت مرڪز جي ايم ايس ڊاڪٽر بدرالنسا ٽالپر جو چوڻ آھي ته ٻن ٽن مهينن کان اسپتال ۾ وئڪسين جي کوٽ ناهي، وڌ کان وڌ هڪ ڏينهن وئڪسين نه هوندي آھي، ٻئي ڏينهن وئڪسين اسپتال ۾ اچي ويندي، اسپتال ۾ وئڪسين نه هجڻ تي مريض کي تعلقي اسپتال لا ريفر ليٽر ڏنو ويندو آھي.