پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ۾ قبرستان تي قبضي خلاف سڄاڻ ڌرين ۽ شهرين جو احتجاج

اووٻاوڙو: اوٻاوڙو شھر جي لانگهو روڊ قديمي قبرستان تي بااثرن پاران قبرون ڊاھي پنھنجا گهر ٺاهڻ ۽ قبضو ڪرڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن، مردن، عورتن ۽ شهرين قبرستان کان نيشنل پريس ڪلب تائين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري بااثرن خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ن ليگ ضلعي صدر هير علوي، ڪائنات بلوچ، اصغر شيخ، شاهمير شيخ، اختر علي پنھور ۽ ٻين ميڍيا سان ڳالهائيندي چيو ته بااثر سيد ڌر جا ماڻهو قديمي قبرستان تي قبضو ڪري ويٺا آهن، اهڙي شڪايت اي سي اوٻاوڙو توڙي ضلعي گهوٽڪي جي انتظاميا کي ڏني آهي، پر انتظاميا ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، قبرستان ۾ اسان کي پنهنجي پيارن کي دفنائڻ جي جڳهھ نٿي ملي، قبضا مافيا پنهنجي مفادن خاطر قبرون ڊاھي پنھنجا گهر ۽ آستانا اڏي قبرستان جي حرمتي ڪري رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته قبرستان تان قبضو ختم ڪرائي قبضي مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو ۽ مختيارڪار اوٻاوڙو قبرستان جي ايراضي جي ماپ ڪرائين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button