سنڌ

ڏوڪري ۾ شاعر غلام محمد جوڻيجو جي ڪتاب جي مهورتي تقريب

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران جھوني شاعر غلام محمد جوڻيجو جي تازي آيل ڪتاب (ڇوڙيون بند اسيرن جا) جي مھورتي تقريب ڊگري ڪاليج ۾ ٿي، جنھن جي صدارت ناليواري اديب ننگر چنا ڪئي، مھمان خاص غلام محمد سنڌي، ستار ھليو، ناليوارو شاعر ادل سولنگي، انور ڏنگڙائي ۽ ميزبان طور ظھير بسمل شرڪت ڪئي. نوجوان اديب ليکڪ علي بخش پٺاڻ چيو ته غلام محمد سنڌي جو ھي ڪتاب انڊلٺ جي رنگن جو مجموعو آھي. ليکڪ اديب انور ڏنگڙائي چيو ته ڪتاب ۾ ڪافي جھول آھن، ليکڪ ادل سولنگي چيو ته چاچي سنڌي جي ڪتاب چاچي سنڌي کي نئين زندگي ڏني آهي. اديب ستار ھليو چيو ته چاچي سنڌي جو قومي فڪر سان عشق ڏسي اسان کي به اتساهه ملي ٿو. ڪتاب جي ليکڪ غلام محمد جوڻيجو چيو ته ڪو ايڏو وڏو شاعر ناھيان جيڪو لکيو آهي سو شل صرافن وٽ ۽ سنڌي قوم وٽ قبول پوي، ننگر چنا چيو ته غلام محمد سنڌي جي شاعري قومي فڪر سان سلهاڙيل آهي، سندس جدوجهد ۽ ڪمٽمينٽ تي سلام پيش ڪريان ٿو. تقريب ۾ چاچا محمد بچل سولنگي ۽ قومي راڳي سڄڻ سنڌي قومي گيت ۽ لطيف جي وائي ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ۽ محفل کي گرمائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button