سنڌ

ڏوڪري مان 3 مهينا اڳ گم ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ڏوڪري جي ڳوٺ گابر مسڻ مان 3 مهينا اڳ گم ٿيل 17 ورهين جي نوجوان محمد ابراهيم عرف حاجن مسڻ جو اڃا تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو. وارثن پاڪ ڪتاب کڻي نياڻين ۽ معصوم ٻارڙن سميت نوجوان جي بازيابي لا احتجاجي مظاھرو ڪيو. نوجوان جي پي قدير احمد مسڻ، تهمينه، ارشاد سڌير، احمد مسڻ ۽ شڪيل مسڻ پاڪ ڪتاب ۽ گم ٿيل نوجوان جي تصوير کڻي دانهيندي چيو ته 3 مهينا اڳ نوجوان محمد ابراهيم مسڻ گھران نڪري گم ٿي ويو، سندس گمشدگي جو اطلاع ٿاڻي تي ڏنو هو پر هن مهل تائين پوليس ڪک ڀڄي ٻيڻو نه ڪيو آھي، پوليس رڳو ڪوڙا دلاسا ڏيڻ ۾ پوري آھي. ھنن چيو ته اسان پنھنجي طور نوجوان جي مختلف ھنڌن تي ڳولا ڪئي جنھن جو ڪو ڏس پتو نه مليو آھي. نوجوان جي گمشدگي سبب اسان جو خاندان سخت پريشان آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button