سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو اغوا ڄاڻايل نوجوان بازياب

لاڙڪاڻي ويجهو ماهوٽا ٿاڻي جي حد مان مبينا اغوا ٿيڻ بعد بازياب ٿيل نوجوان عرفان شر پنهنجي وارثن سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي چيو آهي ته ٽي ڏينهن اڳ پنهنجي سئوٽ ڪامران سان گڏجي لاڙڪاڻي موبائيل خريداري لاءِ اچي رهيا هئاسين ته چوهڙ پور ويجهو درين واري پل وٽ 4 موٽرسائيڪل سوارن اغوا ڪري 20 هزار جو موبائيل ۽ 20 هزار روپيا روڪ ڦر ڪيا، هن چيو ته اغوا ڪرڻ بعد ٽن ڏينهن تائين مون کي زنجيرن ۾ قيد رکيو ويو ۽ ٽن ڏينهن بعد رات جو منهنجين اکين تي پٽي ۽ هٿ پير ٻڌي ڪار ۾ کڻي وارهه بئراج وٽ اڇلائي ويا، جن مان چئن ڄڻن نادر، اعتبار، ياسين ۽ سانول شر کي سڃاتو جن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن معاملي بابت ڪنهن کي ٻڌايو ته توکي ٻيهر گم ڪري ماري ڇڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button