سنڌ

نصيرآباد ۾ ”علم پرايو سنڌ سنواريو“ جاڳرتا ريلي

نصير آباد ۾ مختلف تنظيمن پاران ”علم پرايو سنڌ سنواريو“ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. جاڳرتا ريلي مختلف چوڪن، بازارن جو گشت ڪرڻ بعد آرٿر برانچ جِي موري تي جلوس ۾ تبديل ٿي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن انجنيئر خان محمد ڦلپوٽو، سينگار نوناري، ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو، ابراهيم چانڊيو، اشفاق مسڻ، عبدالوهاب بروهي، عمر عزيز ڇٽو، راجا ريحان لاشاري ۽ ٻين چيو ته نصيرآباد ۾ تعليمي ادارن جو حال خراب آھي، اسان پنھنجي ٻارڙن کي تعليم بابت آگاھي ڏئي کين گھر ۾ ويھارڻ بدران اسڪولن ۽ ڪاليجز ۾ ھر روز موڪلڻو پوندو. ھنن مطالبو ڪيو ته اسڪولن مان بنيادي سھولتن جي کوٽ کي بنا دير ختم ڪري شھر کي بھتر ادارا ڏنا وڃن، شھر جي ادارن کي بھتر ڪرڻ لاءِ سڀني ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button