سنڌ

اڳڙا ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو، اي ايس آئي سميت 4 ڄڻا زخمي

اڳڙا ويجهو ٻن ڌرين ۾ ڏيڍ ايڪڙ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، اي ايس آ عطا محمد کهڙو سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمي ٿيل عطا محمد کهڙو دانهيندي چيو ته جوابدار اياز علي، غلام عباس، امان الله، رياض، غلام حيدر سميت 20 ڄڻن زمين تي بيٺل ڪمند جي ڪٽائي ڪئي، اسان جي روڪڻ تي هنن حملو ڪري زخمي ڪيو آهي. ھن چيو ته زمين اسانجي آھي، اڳڙا ٿاڻي تي دانهڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو. ٻئي طرف ٻي ڌر جي ماڻهن اياز حسين کهڙو، غلام حيدر، غلام عباس ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اي ايس آ ڏيڍ ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي، اڄ اسان ڪمند جي ڪٽائي ڪرائڻ وياسين ته جوابدار 10 ڄڻا ساڻ ڪري لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري ٽن ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي. اي ايس آ ڪوڙن ڪيسن داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button