
چيلهار: چيلهار جي چڪور ڪالوني واسي پورهيت نهال ميگهواڙ جي گهر کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ موجود هڪ ئي چونئرو جنهن ۾ پيل گهر جو سمورو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو. گهر سڙڻ بعد متاثر پورهيت ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهي، جنهن ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته منهنجي مالي مدد ڪري گهر ٺهرائي ڏنو وڃي. هن چيو ته گهر ۾ پيل سونا زيور، سمورو قيمتي سامان ۽ چار کٽون سڙي ويون آهن.