پاڪستانسنڌ

ڪنري ويجهو نينگري ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

ڪنري: ڪنري ويجهو نينگري ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو. ڪنري ويجھو يوسي دڙيلي جي ڳوٺ جان محمد خاصخيلي ۾ 12 سالن جي اميا ڌي ھرکو ڪولھي گھر اندر داسي سان رسو ٻڌي ڳچي ۾ وجھي ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي وئي ۽ لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ ته اسان ٻني تي وڃي رھيا رھيا هئاسين ته نينگري به ضد ڪيو ته آئون به هلنديس، اسان کيس گڏ نه وٺي وياسين، ٻني تان واپس آياسين ته نينگري گھر ۾ لٽڪيل هئي، اسان جي ڪنهن سان دشمني ناھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button