سنڌ

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ حڪومت کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻن سنڌ حڪومت کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي پاران ڪيل مالي ۽ انتظامي بدعنواني جي جاچ لاءِ سٺي ساک رکندڙ رٽائرڊ ججز تي ٻڌل هڪ احتساب ڪميشن جوڙيو وڃي، جيڪو بدعنوانين ۾ ملوث ڪرپٽ وزيرن، صلاحڪارن ۽ ٻين جي خلاف ڪارروائي ڪري کين سخت کان سخت سزائون ڏي. ملڪ اندر موجوده سياسي ۽ رياستي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ بايو ميٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ذريعي عدليه جي نگراني ۾ جلد کان جلد عام چونڊون ڪرايون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار سيد جلال محمود شاهه، زين شاهه، اسماعيل راشدي، صفدر عباسي، سردار رحيم، روشن علي ٻرڙو، خواجه نويد ۽ ٻين آچر تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اهتمام هيٺ پريس ڪلب چوڪ تي پنڌ سنڌ مارچ کي خطاب ڪندي ڪيو. جلسي کي جي ڊي اي ۽ ٻين سياسي ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن به خطاب ڪيو. ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني، ڪرپشن، مهانگائي، بدحالي، بيروگاري جي خلاف ۽ سنڌ جي عوام جي سياسي، سماجي ۽ معاشي بحالي لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران پارٽي صدر سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ 15 فيبروري تي سکر مان نڪتل عظيم الشان ۽ تاريخي پنڌ سنڌ مارچ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ضلعن سکر، لاڙڪاڻو، سيوهڻ، قاضي احمد، سڪرنڊ، هالا، حيدرآباد، ٽنڊومحمد خان، سجاول ٺٽو، گهارو، ڌاٻيجي، قائدآباد، شاهراه فيصل کان مسلسل پنڌ هلندو ڦوهارا چوڪ تي هڪ وڏي عام جلسي کان پوءِ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. قافلي جي وک وک تي جي ڊي اي ۽ مختلف سياسي، مذهبي ۽ قومپرست پارٽين ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن شاندارن آجيان ڪئي. سکر کان شروع ٿيندڙ پنڌ قافلي کي پنهنجي مقرر ڪيل روٽس کان ٿيندي ڦوهارا چوڪ ڪراچي تائين پهچڻ ۾ 33 ڏينهن لڳا، مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن تڪليفون سهندي اٽڪل 700 ڪلوميٽر جو سفر پنڌ هلندي طئي ڪيو، مسلسل پنڌ هلڻ جي ڪري مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن جي پيرن ۾ زخم ۽ لڦون پئجي ويون، سيد زين شاهه مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن جي نعرن جو جواب هٿ لوڏي جواب ڏيندو رهيو. ان موقعي تي مارچ کي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين ۽ ڪنوينر سنڌ ايڪشن ڪميٽي سيد جلال محمود شاهه خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت کي بنا دير برطرف ڪيو وڃي، ڪرپٽ سنڌ حڪومت جو سخت احتساب ڪيو وڃي، ملڪ جي عدليه جي نگراني ۾ بنا دير شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، اسان سنڌ دشمن جڊيٽل آدمشماري کي نٿا مڃون. اسان جي پرامن جدوجهد جاري رهندي، ايس يو پي جي صدر زين شاهه چيو ته پاڪستان وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي قومي وجود، تاريخي تشخص، قدرتي وسيلن تي ڪنٽرول ۽ سنڌ جي حق حڪمراني کي وفاق طرفان ڪنٽرول ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. زين شاهه چيو ته 2008 کان پيپلزپارٽي بيروني ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪندي رڳو پنهنجي اقتدار ۽ مال ملڪيت لاءِ سنڌ کي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تي ظلم ۽ بداانتظامي جي ذريعي تباهه ڪري رهي آهي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت هر سال سنڌ جي خزاني مان 600 کان 800 ارب رپين جي ڪرپشن ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ۽ بيڊ گورننس جي ڪري سنڌ جو هرهڪ ادارو تباهه ٿي چڪو آهي، سنڌ جي سامونڊي پٽي، زمينن کي پيپلزپارٽي ڀڳڙن جي مٺ تي کپائي ڇڏيو آهي، سنڌ جي زمينن تي پيپلزپارٽي سرڪاري مشينري ذريعي قبضا ڪرايا آهن، پيپلزپارٽي هميشه سنڌ جي مفادن جي خلاف ڪم ڪندي رهي آهي. زين شاهه چيو ته وقت کان اڳ ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري جي ذميوار به پيپلزپارٽي آهي، 2017 جي آدمشماري جيڪا درست هئي، ان کي پيپلزپارٽي تسليم نه ڪيو، پيپلزپارٽي ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽ ۾ آدمشماري کي قبول نه ڪري ٻيهر آدمشماري جو مطالبو ڪيو، اڄ جنهن ڊجيٽل آدمشماري تي سڄي سنڌ بي اعتمادي جو اظهار ڪري رهي آهي، اهو پيپلزپارٽي جي ڪري ٿي رهيو آهي. هٿ وٺي ٻوڏ جي ذريعي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تباهه ڪئي وئي، 30 لک جي لڳ ڀڳ گهر تباهه ۽ هڪ کان ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيا، جنهن جي ذميوار پيپلزپارٽي آهي. جي ڊي اي جي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته اڄ پهريون پٿر اڇلايو آهي، سنڌ ۾ شعور ضرور ايندو، ايندڙ چونڊن ۾ عوام سنڌ دوستن کي ووٽ ڏي، 15 سالن کان سنڌ معاشي ۽ سياسي تباهي جي ور چڙهيل آهي، 2003 ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ جي ڊي اي ڀرپور حصو وٺي رهي آهي، سنڌ دوست جماعتن کي گذارش آهي ته جي ڊي اي جو ساٿ ڏين، سنڌ جي مستقبل لاءِ اسان کي موقعو ملندو، حڪمرانن جو وقت هاڻي ختم ٿيو. جلسي کي خطاب ڪندي پاڪستان مسلم ليگ فنشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو ته سنڌ کي بيرحمي سان وڪرو ڪيو پيو وڃي، حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ڳوٺ وڃي عوام کي متحد ڪرڻو پوندو، جيڪي سنڌ کي کپائڻ چاهين ٿا انهن سان ڪوبه گڏ نه آهي. هي حڪمرانن لاءِ ننڍڙو ٽريلر آهي جڏهن اسان جي قيادت اعلان ڪيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين لانگ مارچ ٿيندو ته انهن چورن کي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي. جي ڊي اي جي اڳواڻ اسماعيل شاهه راشدي چيو ته ٻوڏ جا پئسا حڪمران کائي ويا، سندن احتساب ٿيڻ گهرجي، اسان جي وڏڙن انگريزن اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو، ڪڏهن به سنڌ جي حقن تي سوديبازي نه ڪنداسين. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات نويد امين چيو ته زرداري مافيا سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ هي مطالبو ڪري ٿي ته پيپلزپارٽي هاڻ گهر هلي وڃي. جلسي کي روشن علي ٻرڙو، جڳديش آهوجا، امير آزاد پنهور، شيبا مغل ۽ ٻين خطاب ڪيو. سنڌ مارچ جي پڄاڻي تي ڪوٺايل جلسي ۾ مقررن مختلف ٺهراءُ منظور ڪيا، جنهن ۾ چيو ويو ته نااهل، ڪرپٽ ۽ سنڌ دشمن جماعت پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ 2008 کان هن وقت تائين جي مالي ۽ انتظامي بدعنوانين ۽ صوبي کي بي اختيار ڪري سنڌ کي عملي طور تي جاگرافيائي طور تي ورهائڻ جي ڪوشش جي ڏوهه ۾ سنڌ حڪومت کي هٽائي سخت احتجاج ڪيو وڃي، هي جلسو گهر ڪري ٿو ته ملڪ اندر موجوده سياسي ۽ رياستي بحران جي خاتمي لاءِ بايو ميٽرڪ ۽ اليڪترانڪ ووٽنگ مشينن جي ذريعي عدليه جي نگراني ۾ جلد کان جلد عام چونڊون ڪرايون وڃن. هي جلسو گهر ڪري ٿو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي پاران سنڌ ۾ ڪيل مالي ۽ انتظامي بدعنواني جي جاچ لاءِ سٺي ساک رکندڙ رٽائرڊ ججز تي ٻڌل هڪ احتساب ڪميشن جوڙي ان ۾ ملوث ڪرپٽ وزيرن، صلاحڪارن ۽ ٻين کي سخت سزائون ڏنيون وڃن، ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪندي گهر ڪريون ٿا ته 2017 جي آدمشماري کي قبول ڪيو وڃي ۽ 10 سالن کان پوءِ 2027 ۾ آئين مطابق نئين آدمشماري ڪرائي وڃي. 2022 ۾ هٿ کان وٺي پيدا ڪيل ٻوڏ جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، هن ٻوڏ جا سبب ۽ ان سان ٿيل سنڌ جي معاشي سان گڏوگڏ سماجي تباهي جي جاچ لاءِ ماهرن تي ٻڌل هڪ شفاف ڪميشن جوڙي هن تباهي جي ذميوار ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. سنڌ جي مالي وسيلن، ٻيٽن سامونڊي پٽي ۽ زمينن تي ملڪيت جو حق سنڌ ۽ سنڌين جو آهي، ان لاءِ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ان خلاف جيڪي به فيصلا ڪيا آهن، انهن کي رد ڪيو وڃي. مهانگائي جي پاڙ پٽڻ لاءِ وي آئي پي ڪلچر ۽ سرڪاري شاهه خرچن کي ختم ڪيو وڃي ۽ امير طبقي جي مفادن وارين معاشي پاليسين کي تبديل ڪري ٽيڪس گهٽايا وڃن ۽ سڌي طرح ٽيڪسز ۾ اضافو ڪيو وڃي ته جيئن غريب طبقي کي فائدو ٿئي ۽ ماڻهن جو معاشي ٻوجهه گهٽجي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button