اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۽ چين جو سياسي،سيڪيورٽي ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد : پاڪستان ۽ چين ٻه طرفا لاڳاپن جي سمورن شعبن جو جائزو ورتو آهي. جڏهن ته ٻنهي ملڪن سياسي ۽ سيڪيورٽي تعاون، ٻطرفي واپار، اقتصادي ۽ مالي سهڪار، ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ عوام وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) جو ٽيون دور بيجنگ ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران آچر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪئي. جڏهن ته چيني وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ڪئي. بي پي سي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هڪ باقاعده ادارتي ميڪانيزم آهي. ان موقعي تي چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي هڪ ڏهاڪي جي مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي، ٻنهي پاسن طرفان سي پيڪ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، جيڪو ٻه طرفي تعاون جو هڪ اهم ٿنڀ ۽ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دوستي جي هميشه مضبوط ٿيڻ جي علامت آهي. ٻنهي ڳواڻن پاران علائقائي رابطن ۽ تعاون کي وڌائڻ لاءِ سي پيڪ جي توسيع ۾ مصروف رهڻ تي پڻ اتفاق ڪندي “پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اعليٰ سطحي مصروفيتن ۽ ڳالهين جي ميڪنزم کي به وڌائڻ جو عزم ڪيو ويو. جڏهن ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ رابطن جي چينلن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ غور ڪيو ويو. پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ 2022ع جي تباه ڪن ٻوڏ دوران انساني مدد لاءِ مسلسل ۽ فراخدليءَ سان سهڪار ڪرڻ تي چين جا ٿورا مڃيا. نائب پرڏيهي وزير سن پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ اقتصادي سلامتي لاءِ چين جي حمايت جي تصديق ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن پاران گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته افغانستان سميت اهم علائقائي ترقي تي پنهنجي ويجهي سهڪار ۽ مصروفيتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ چين ٻطرفي پليٽ فارمن تي ڳالهين ۽ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button