اسلام آبادپاڪستان

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس،ثاقب نثار خلاف احتجاج

اسلام آباد : گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پارليامينٽ هٿياربند گروپن ۽ دهشتگردن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورا اختيار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏئي. هن چيو ته اهو بنيادي طور غلط آهي ته اسان چونڊن کان ڀڄي رهيا آهيون. اسان چئون ٿا ته چونڊون ان طريقي سان ٿيڻ گهرجن جيئن آئين ۾ لکيل آهي، سڀني اسيمبلين جون چونڊون گڏ ٿين، نگران سيٽ اپ ۾ هجن. بجاءِ ڪنهن نئين بحران جي شفاف ۽ آزاد نموني ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻيون. ڪالهه پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پارليامينٽ کي ٽن نقطن تي رهنمائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وقت سياسي، انتظامي ۽ عدالتي بحران پيدا ٿي چڪو آهي، ٻيو اليڪشن تي ۽ ٽيون معاشي صورتحال تي آهي. هن چيو ته عمران خان هٿياربندن سان گڏ اسلام آباد مارچ ڪيو، زمان پارڪ ۾ فائرنگ ڪئي وئي، گوليون هلايون ويون جنهن سان پوليس اهلڪار زخمي ٿيا پر پوليس هڪ به گولي نه هلائي. هن زور ڏنو ته هٿياربند گروپن ۽ دهشتگردن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورا اختيار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏنا وڃن، گذريل 11 مهينن ۾ سياسي ۽ انتظامي بحران پيدا ڪيو ويو ۽ انتشار پکيڙيو ويو، ان سان ملڪ کي نقصان ٿيندو. ٻئي طرف پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومت پاران اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 2 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ دهشتگردي سبب ملڪ ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال، قومي ادارن جو احترام، پرڏيهي پاليسي، معاشي صورتحال، موسمياتي تبديلين تي ڳالهيون جاري آهن. سوشل ميڊيا تي پاڪستاني فورسز ۽ ان جي قيادت جي بي حرمتي جي مذمت جو ٺهراءُ به پاس ڪيو ويو. جڏهن ته پي ٽي آءِ سينيٽرن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. انهن شرڪت نه ڪئي. گڏيل اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سميت پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن جي اڪثريت به غير حاضر رهي. حڪومتي اتحادي پارٽين جي ميمبرن اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف احتجاج ڪيو. ڪالهه اِهو احتجاج ثاقب نثار جي مريم نواز خلاف مبينا آڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيو ويو. حڪومتي ميمبرن اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف پلي ڪارڊز کنيا، جنهن تي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف نعرا لکيل هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button